English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد فلٽر پلانٽ ويجهو معصوم ٻارڙِي پاڻي لائين ۾ ٻڏي وئي، وارثن جو احتجاج
97 views
|
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد فلٽر پلانٽ ويجهو ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي پاڻي لائين ۾ 12 ورهين جي ٻارڙي ٻڏي وڃڻ کي 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر ٻارڙي جو لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي، جنهن سبب وارثن ۽ علائقي واسين ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي مليل ڄاڻ موجب 12 ورهين جي ثنا ڌيءَ نذير چنو گلشن حديد ڀرسان گجو کان ڪراچي ايندڙ پاڻي لائين ويجهو موجود هئي ته اوچتو 15 فٽ اونهي پاڻي لائين ۾ ڪري ٻڏي وئي۔ اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس، ريسڪيو ٽيمون ۽ واٽر ڪارپوريشن جا عملدار واقعي واري هنڌ پهتا، جتي ابتدائي ڪارروائي ڪرڻ بعد واپس هليا ويا۔ذريعن موجب پاڻي لائين ۾ لڳ ڀڳ 15 فٽ اونهو ۽ تيز وهڪرو هجڻ سبب ٻارڙي جي ڳولا ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري هجڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن۔ٻئي پاسي ٻارڙي جو لاش نه ملڻ تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪيو ۽ واٽر ڪارپوريشن انتظاميا تي غفلت جو الزام لڳايو۔ احتجاج ڪندڙن چيو ته واقعي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن سنجيدگي نه ڏيکاري ۽ رڳو رسمي ڪارروائي ڪري واپس هليا ويا، جنهن سبب ٻارڙي جي ڳولا ۾ دير ٿي رهي آهي۔ وارثن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي وهڪري کي عارضي طور بند ڪري جديد اوزارن سان ڳولا آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن ٻارڙي جو لاش جلد هٿ اچي سگهي۔ هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچڻ لاءِ حفاظتي انتظام ڪيا وڃن۔واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته وارثن اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي ٻارڙي جو لاش هٿ ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وارثن جو احتجاج
ملير: گلشن حديد فلٽر پلانٽ ويجهو
0 تبصرے