English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ طوفاني برساتن سبب ڪيترائي گھر ڊھي پٽ، هڪ فوت، 20کان وڌيڪ زخمي
96 views
|
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، ميرپور ساڪرو، گھارو، ٻگھاڻ، ڪيٽي بندر ، گجو، مڪلي، پيرپٺو درگاھ شخي جميل شاهه ٻين شهرن ۾ برسات
ٺٽو( شفيق ڀٽي) گذريل رات کان ٺٽي ضلعي ۾ تيز طوفاني برساتون ۽ هوائون سبب وڏي تباهي مچي وئي آهي. سوين ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. تفصيل موجب ضلعي جي مختلف شهرن ميرپور ساڪرو، گھارو، ٻگھاڻ، ڪيٽي بندر ، ٺٽي شھر، گجو، مڪلي، پيرپٺو درگاھ شخي جميل شاهه ٻين ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن۾ ڪيترن ئي ڪچن گھرن جون ڇتيون ۽ ديوارون ڪري پٽ ٿي ويون.گھارو ڳوٺ حاجي خان چانڊيو ۾ ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو، جڏهن ته حسن ۽ سندس پٽ روشن چانڊيو زخمي ٿيا. مڪلي لڳ ڄام واه ڀرسان ڳوٺ سومار خاصخيلي ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي جنھن سبب ماڻهن جي شديد زخمي ٿيڻ جو واقعو ٿيو.مجموعي طور 20 کان مٿي زخمي مختلف ھيلٿ سينٽرن۾ آندا ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن. زخمين مان ڪجهه کي وڏين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. طوفان سبب ڪيترن ئي وڻن، سولر پليٽن ۽ بيٺل فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ ۽ سبزين کي شديد نقصان پهتو. هارين ۽ زميندارن کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. برساتي پاڻي ٺٽي شهر ۽ مڪلي جي ڪچي آبادين ۾ بيهجي ويو، بجلي ۽ مواصلات جو نظام پڻ سخت متاثر ٿيو، ڪيترن ئي پراڻن بجلي پولن کي نقصان پهتو، ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي بند ٿي وئي.. مختلف علائقن جي متاثر رهاڪن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کان اپيل ڪئي آهي ته ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي متاثر خاندانن جي سهائتا ڪئي وڃي۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ٻي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت رات دير سان شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو تفصيلي جائزو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي، سڀئي ڊي واٽرنگ مشينون ۽ ڊسپوزلز فعال رهن، ۽ صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ضلعي ۾ طوفاني برساتن سبب ڪيترائي گھر ڊھي
0 تبصرے