مورو )جاني جماڻي( 12 سال اڳ مورو شھر جي مين روڊ تاج مسجد جي سامھون جيهڙو ٿي پيو هو جنهن جيھڙي ۾ چانڊيا برادري جي نوجوان پوليس اھلڪار غلام عباس چانڊيو کي ڊيوٽي دوران گولي لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو جنھن جو قتل جو ڪيس عرفان لغاري ۽ ٻين تي مورو ٿاڻي تي داخل ٿيل ھو جوابدارن کي سزا لڳي عرفان لغاري سزا کائڻ کان پوءِ شھيد ٿيل پوليس اهلڪار غلام عباس چانڊيو جي وارثن وٽ قرآن پاڪ نياڻيون ۽ ميڙ منٿ جو قافلو وٺي مورو ڀرسان ڳوٺ ڪمدار مرحوم ابراھيم چانڊيو جي آس پاس جي معززين جي اڳواڻي ۾ رئيس علي گل چانڊيو جمن چانڊيو افضل خان ٻگهيو لقمان سماٺي غلام مصطفي جتوئي سردار شير ملاح وڏيرو فياض راھپوٽو ڏاڏو عثمان ٻگھيو مشتاق سنگراسي ڪوڙو خان بھڻ رئيس قطب خان لغاري سيد منظور علي شاھ گلشير ٻگھيو نظير احمد لغاري رسول بخش لغاري امتياز احمد لغاري غلام مصطفي لغاري فاروق احمد لغاري حاجي سڄڻ پنڃارو مبين ماڇي استاد مظھر لغاري ء ٻيا مورو ڀرسان ڳوٺ مرحوم ڪمدار ابراھيم چانڊيو جي اوطاق تي پھچي شھيد ٿي ويل پوليس اھلڪار غلام عباس چانڊيو جي وارثن سندس ڀاءُ علي شير چانڊيو علي مراد چانڊيو وٽ منٿ ميڙ جو قافلو پهتو جتي وارثن پاران ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته اسان جو مرحوم ميرڻ لغاري جي پٽ عرفان لغاري هڪڙي سان فيصلو ڪنداسين ان موقعي تي چانڊيا برادري جي ماڻھن چيو ته اسان پنھجي برادري جي معززين سان صلاح مشورو ڪري فيصلي جي تاريخ ڏينداسين آخر ۾ دعا گهري وئي...
0 تبصرے