English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ اربن ريجنل پاليسي جي اهتمام هيٺ مورو شهر جي مستقبل جي ماسٽر پلان بابت سيمينار منعقد
285 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيڪ ھولڊرز پاران تجويز ڪيل سفارشن ۽ صلاح مشورن تي غور ويچار
نوشهرو فيروز ( ڊ ر ) سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ اربن ريجنل پاليسي اينڊ اسٽرٽيجڪ پلاننگ ونگ جي زير اهتمام موري شهر جي مستقبل جي ماسٽر پلان بابت ال امين هوٽل مورو ۾ هڪ اهم سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مورو جي ايندڙ ترقياتي رخ ۽ گذريل اجلاسن ۾ اسٽيڪ ھولڊرز پاران تجويز ڪيل سفارشن ۽ صلاح مشورن تي غور ويچار ڪيو ويو. سيمينار ۾ سينئر سرڪاري عملدارن، پلاننگ ڪنسلٽنٽن، مختلف سرڪاري کاتن ۽ شهري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪري شهر جي ڊگهي مدي واري شهري ترقياتي حڪمتِ عملي تي مقامي راءِ حاصل ڪرڻ هو. سيمينار کي خطاب ڪندي اربن ريجنل پاليسي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي ڪنڀار، ڊپٽي ڊائريڪٽر نبيش اختر ميمڻ، علي مراد ابڙو، ڪنسلٽنٽ سيد بابر علي شاهه شھر جي ماسٽر پلان جي تياري بابت تفصيلي آگاهي ڏني ۽ چيو ته مقامي سطح تي ماڻهن جي شموليت سان ئي منصوبو حقيقي ضرورتن مطابق تيار ٿي سگهي ٿو. اي اي ڪنسلٽنگ جي نمائندي سيد بابر شاهه ٻڌايو ته مورو جو ماسٽر پلان سنڌ حڪومت جي اُن منصوبي جو حصو آهي، جيڪو 2013ع ۾ سنڌ جي وڏن شهرن لاءِ شروع ڪيو ويو هو. هن چيو ته هينئر تائين 17 شهرن جا ماسٽر پلان مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٽنڊو آدم، ڪوٽڙي، هالا ۽ مورو سميت 14 شهرن تي ٽئين مرحلي ۾ ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماسٽر پلان ايندڙ ويهن سالن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ صحت، تعليم، پاڻي فراهمي، صفائي سٿرائي، ٽرانسپورٽ، گرين بيلٽس ۽ ٻين بنيادي شهري سهولتن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. اسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مورو ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب منظم شهري منصوبه بندي انتهائي ضروري بڻجي وئي آهي، ڇو ته اڳواٽ منصوبابندي نه ٿيڻ جي صورت ۾ وسيلن تي بار وڌي سگهي ٿو ۽ بنيادي ڍانچي کي سنگين مسئلا درپيش ٿي سگهن ٿا. هن شهري نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏنو ته هو پنهنجون تجويزون ۽ مقامي ڄاڻ مهيا ڪن. اسسٽنٽ ڪمشنر، مورو صوبائي حڪومت جي ھن قدم کي ساراھيندي چيو ته موري لاءِ ماسٽر پلان جي تياري شهر جي پائيدار ترقي لاءِ هڪ اهم قدم آهي، جيڪو پراڻن شهري مسئلن جي حل لاءِ جامع روڊ ميپ ثابت ٿيندو. سيمينار دوران سوال جواب ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو سيشن پڻ ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن شهر جي مختلف ترقياتي پهلوئن بابت تجويزون پيش ڪيون. سيمينار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو، شهرين، مختلف ادارن جي آفيسرن پنهنجي تجويزون پيش ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
سندھ
وفاق ونڈ اور سولر پاور پلانٹس لگانے کی اجازت نہیں دیتا، سندھ میں طویل لوڈشیڈنگ کی مذمت کرتا ہوں: وزیراعلیٰ سندھ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: مهر جبل جا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ اربن ريجنل پاليسي
0 تبصرے