English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: پير سرهندي ڳوٺ جو گيس ٽن مهينن کان بند، ڳوٺاڻن جو احتجاج
49 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
بغير ڪنهن سبب جي ٽن مهينن کان پير سرهندي ڳوٺ جي گيس بند ڪئي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي: ڳوٺاڻا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پير سرهندي ڳوٺ ۾ گذريل ٽن مهينن کان گيس جي بندش خلاف ڳوٺاڻن جو صبر جو بند ڀڄي پيو جنهن بعد سوين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا گهرن مان نڪري آيا ۽ رزاق آباد کان ميمڻ ڳوٺ ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ مڪمل طور بلاڪ ڪري ڇڏيو احتجاج سبب روڊ تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ سخت متاثر ٿي ان موقعي تي ڳوٺاڻن وھاب جوکيو، نويد جوکيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بغير ڪنهن سبب جي ٽن مهينن کان پير سرهندي ڳوٺ جي گيس بند ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري روزمرهه زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي ۽ رهواسين کي انتهائي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هنن چيو ته گيس بندش بابت سوئي گئس انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڏنيون ويون آهن، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي ڳوٺاڻن الزام هنيو ته سوئي گئس ڪمپني جا ڪجهه آفيسر ۽ عملدار گيس چوري ۾ ملوث آهن، جيڪي ڳوٺ ڀرسان قائم ٿيندڙ نئين ڪالونين ۽ خانگي فيڪٽرين کي بغير ميٽر لڳائڻ جي غيرقانوني گيس ڪنيڪشن ڏئي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڏيکاءَ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي، پر بعد ۾ ساڳين عملدارن ۽ بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان گيس چوري ٻيهر وڏي پيماني تي جاري آهي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پير سرهندي ڳوٺ جا رهواسي باقاعدگي سان گيس جا بل ادا ڪري رهيا آهن، ان باوجود سندن گيس بند ڪري صبر جو امتحان ورتو پيو وڃي ڳوٺاڻن سوئي گئس انتظاميا، چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پير سرهندي ڳوٺ جو گيس بحال ڪيو وڃي ۽ رهواسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ رزاق آباد وٽان قومي شاهراه بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: پير سرهندي ڳوٺ جو گيس
0 تبصرے