ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي نمائندن جي بهادر فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ نادرا عملي سان ملاقات

ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي نمائندن جي بهادر فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ نادرا عملي سان ملاقات

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي تنظيم بهار فائونڊيشن جي آفيس ۾ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن ڪراچي طرفان عوامي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر مهيني وانگر قومي سڃاڻپ ڪارڊ، بي فارم گم ٿيل ڪارڊن ۽ مدي پورو ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن جي نئين سر تياري جو سلسلو جاري رکيو ويو، جيڪو اڳتي به جاري رهندو.ان سلسلي کي مستقل بنيادن تي جاري رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ضلع شرقي ڪراچي جي نمائندن ثروت بتول ۽ محترم شاهد انصاف ڀٽي،بهارفائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل ودھو ۽ نادرا جي عملي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شهرين جا مسئلا ٻڌا ويا، خاص طور تي هندو برادري سان واسطو رکندڙ عورتن سان ملاقات ڪري انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي بهار فائونڊيشن جي چيئرمين محمد سچل وڌو چيو ته هو نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن ضلع شرقي ڪراچي جا ٿورائتا آهن، جن هن اداري تي اعتماد ڪيو. هن ٻڌايو ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي سهڪار سان بهار فائونڊيشن جي اداري “منهنجي امڙ پبلڪ لائبريري”، ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ، سهراب ڳوٺ ٽائون، يوسي 7 ۾ موسم جي خرابين سبب نادرا موبائل وين ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو عمل عارضي طور روڪيو ويو هو، جيڪو ان شاءَ الله 13 فيبروري کان ٻيهر شروع ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون، ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي نادرا جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.