English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي گيس جي بندش خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
246 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر شهر ۾ گهگهر ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي گيس جي ڊگهي بندش ۽ بنيادي شهري سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي گيس بحالي ۽ مسئلن جي حل لاءِ سخت نعريبازي ڪئي۔ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي قومي شاهراھ وٽ پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪيو۔ ان موقعي تي جان محمد جاني، فياض اتيرو، علي ٻٻر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته گهگهر ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به گيس جي بندش سبب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته گهگهر ۾ رڳو گيس جو مسئلو ناهي پر صاف پاڻي، نيڪال جو ناقص نظام، ٽٽل رستا ۽ صفائي جي اڻهوند به وڏا مسئلا بڻيل آهن۔ هنن الزام هنيو ته لاڳاپيل ادارا ۽ چونڊيل نمائندا علائقي جي مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهن۔ اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور گيس جي فراهمي بحال نه ڪئي ويئي ۽ بنيادي سهولتون مهيا نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي۔مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهگهر شهر کي بنيادي شهري حق فراهم ڪيا وڃن ۽ لاڳاپيل ادارن کي پابند بڻايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي
0 تبصرے