English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز شهر جا مختلف علائقا گندگي جي ور چڙهيل، شهرين جو احتجاج
76 views
|
25th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ڏينهون ڏينهن شهر گندگي جي ڍير گندي پاڻي جي دٻي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارو شهر ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب گندي پاڻي ۽ گندگيء جي ور چڙهي ويو،شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ويو مظاهرين اللٌه واري چوڪ کان ريلي ڪڍي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ،سي ايم او عبدالفتاح تڳر توڙي ڊي سي ارسلان سليم خلاف نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن شير محمد ڪنڀر، غلام رسول ڇڄڙو، ماجد علي چنو، امام الدین ڪلھوڙو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته جنهن ڏينهن کان ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ چارج ورتي آهي ان ڏينهن کان هن ميونسپل جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي لٽڻ شروع ڪيو آهي جنهن سبب سڄو شهر گندگيء ۽ گٽرن جي گندي پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ آهي ان ڪري اسين پريشاني ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهيون هنن چيو ته ميونسپل چيئرمين پاڻ کي ضياءٗالحسن لنجار جو ماڻهو سڏائي هر مهيني ڪروڙين روپين جي ملندڙ بجيٽ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪري ٿو جنهن سرڪاري ملازمن کي ويزا تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ پرائيويٽ ملازم ڏهاڙي تي پنهنجي هڪ عزيز کي ٺيڪيداري ڏياري بجيٽ کي هڙپ ٿو جنهن ڪري صفائي نه پئي ٿئي ۽ شهري عذاب واري زندگي پيا گذاريون هنن پيپلزپارٽي جي اعلا قيادت سميت لوڪل گورنمينٽ جي اعلا عملدارن کان نوٽيس وٺي کيس هٽائي سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي شهرين کي بدبودار ماحول کان بچايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز شهر جا مختلف علائقا گندگي ج
0 تبصرے