English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: حيسڪو عملدارن پاران بجلي جون تارون وڪڻڻ جو انڪشاف، 3 جوابدار سوگها
130 views
|
25th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ٺٽو پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي واپڊا جي سرڪاري تار چوري ۾ ملوث بين الاضلاعي گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ پوليس موجب ايس ايڇ او ٺٽو انسپيڪٽر زياد حسين نوناري پنهنجي ٽيم سان گڏ خفيه اطلاع تي لنڪ روڊ آگر محلو وٽ ناڪابندي دوران مزدا ٽرڪ نمبر ZNA-212 کي روڪي تلاشي ورتي، جنهن مان واپڊا جي سرڪاري تار جا ڪوائل ۽ 20 سلور پٽيون هٿ ڪيون ويون۔ هٿ آيل سامان جي ماليت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي۔ گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ شڪيل ولد عبدالغني آرائين (رهواسي حيدرآباد)، محمد اقبال ولد ڪريم بخش نوهاڻي بلوچ ۽ سروان ولد ڌيسار ميگهواڙ (رهواسي ضلع بدين) شامل آهن۔ پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو مبينا طور ايس ڊي او واپڊا سليم سومرو، لائن سپرنٽنڊنٽ شهزاد ڀرٽ ۽ پرائيويٽ ٺيڪيدار چوڌري ناصر جي معرفت مڪلي ۾ واقع واپڊا گودام مان تار ڪڍي قاسم بشير نالي ڪٻاڙي کي وڪرو ڪندا هئا، جتان اهو سامان ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو هو۔ پوليس سرڪاري تار ۽ مزدا ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جوابدارن ۽ مبينا سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن ۽ وڌيڪ جاچ عمل هيٺ آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ٺٽو
ٺٽو: حيسڪو عملدارن پاران بجلي
0 تبصرے