ٺٽو(شفيق ڀٽي)رمضان المبارڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي بحال رکڻ لاءِ پوليس جو ، شاھي بازار ۾ گشت ۽ سنيپ چيڪنگ. ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي واضح هدايتن تحت رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني دوران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺٽو پوليس پنھنجيون زبردست سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٺٽو زياد نوناري ۽ اي ايس آئي شاهه رخ جميل کنڀاٽي پنهنجي عملي سميت شاھي بازار سميت شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جتي واپارين ۽ شهرين سان ملاقاتون ڪري سندن امن امان جي صورتحال جي حوالي سان درويش مسئلا ٻڌا ۽ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. ان دوران سنيپ چيڪنگ جو سلسلو پڻ جاري رکيو ويو ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪي سگهجي. پوليس طرفان مارڪيٽن، بئنڪن، مسجدن ۽ اهم هنڌن تي به سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گشت جو دائرو پڻ وڌايو ويو آهي ته جيئن رمضان دوران خريداري ڪندڙ شهرين کي محفوظ ماحول فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي شهرين ۽ دڪاندارن ايس ايڇ او ٺٽو زياد نوناري جو ڀرپور استقبال ڪندي کيس اجرڪون اوڍايون ۽ پوليس جي قدمن کي ساراهيو. ايس ايڇ او ٺٽو جو چوڻ هو ته هو پنهنجي عملي سميت 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت ۽ امن امان جي بحالي لاءِ موجود آهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي يا هنگامي صورتحال جي صورت ۾ فوري طور پوليس سان رابطو ڪن ته جيئن بروقت ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.
0 تبصرے