ن ليگ هميشه عوام جي خوشي ۽ ڏک ۾ ساڻن گڏ رهي آهي: ايم اين اي نيلم ڪماري
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر نيلم ڪماري عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري مختلف فوتگين تي متاثر خاندانن سان تعزيتون ڪيون خبر موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اقليتي ايم اين اي نيلم ڪماري عمرڪوٽ شھر سميت ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ وڃي مرحومن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن ڏک ۾ شرڪت ڪئي عمرڪوٽ شھر ۾ دراوڙ اتحاد جي چيئرمين فقير شيوا ڪڇي جي والد جي لاڏاڻي تي سندن پٽ شيوا ڪڇي ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ڳوٺ جانھيرو ۾ چنيسر ڀيل سان سندس نياڻي (جوائي) جي لاڏاڻي تي ڏک ونڊيو ۽ جانھيرو ۾ راول جي والد وشنو مل جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ۽ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک ۽ غم جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي هن چيو ته انساني همدردي ۽ هڪ ٻئي جي ڏک ۾ ڀائيواري اسان جي سماجي ۽ اخلاقي ذميواري آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ايم اين اي نيلم ڪماري چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) هميشه عوام جي خوشي ۽ غم ۾ ساڻن گڏ رهي آهي ۽ مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي هن مقامي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته هو به متاثر خاندانن سان رابطو برقرار رکن ۽ کين هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو وڃي ان موقعي تي مقامي اڳواڻن، علائقي جي معزز شخصيتن موھن لال موتي، مھيش ڪمار ۽ پارٽي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي
0 تبصرے