English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابو الحسن ٺٽوي ڪيمپس مڪلي ۾ ڪشمير ڊي جي تقريب منعقد
206 views
|
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي ، ڊي سي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ۽ ٻيا به شريڪ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابو الحسن ٺٽوي ڪيمپس مڪلي ۾ يومِ يڪجهتي ڪشمير انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو . تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي . تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري نور سرائي ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد ، هيڊ ماستر نظام الدين کڏائي سميت سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جا استاد ، شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حضور بخش خاصخيلي ، نور سرائي ۽ ٻين مقررين چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ڏهاڪن کان ڀارتي ظلم ۽ جبر کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اڄ جو ڏينهن انهن کي اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي ته پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي . هنن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشميرين کي حقِ خود اراديت ملڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي مقبوضه ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي - مقررين چيو ته يومِ يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو مقصد نئين نسل کي ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن سان ڀرپور اخلاقي ۽ سفارتي سهڪار جو اظهار ڪرڻ آهي . هنن شاگردن تي زور ڏنو ته هو تعليم ذريعي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن ۽ مظلوم ڪشميري عوام جي آواز بڻجن - تقريب دوران شاگردن پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغما ۽ خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. ٽيبلوز ۾ مقبوضه ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد کي اثرائتي نموني سان اجاگر ڪيو ويو . تقريب جي پڄاڻيءَ تي ملڪ جي سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري عوام جي آزادي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون ۽ حب الوطني جا زردار نعرا پڻ هنيا ويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی بھکاریوں کے لیے پرکشش شہر بن گیا ہے: پولیس چیف
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
هالاڻي جي صحافي خليل اعواڻ تي ٿيل مبينا حملي خلاف نوشهرو فيروز ۾ احتجاج
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ تڳر ۽ ٻٻر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 10 ڄڻا رتورت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
7آگسٽ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا ھنيا ويندا: الطاف ملاح
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابو الحسن ٺٽوي
0 تبصرے