English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ڌار ڌار ٽريفڪ حادثا، عورت سميت 2ڄڻا فوت، هڪ شخص سخت زخمي
76 views
|
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ پوليس چوڪي سامهون تيز رفتار ٽريلر موٽر سائيڪل کي زور دار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار عورت موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس سخت زخمي ٿي پيو.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ سميرا بانو زوجه ڪرمت الله، عمر لڳ ڀڳ 30 سال طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمي شخص ڪرمت الله ولد نامعلوم، عمر لڳ ڀڳ 30 سال ٻڌايو وڃي ٿو. ٻئي چليا، ضلع ٺٽو جا رهواسي آهن. اطلاع ملڻ شرط اسٽيل ٽائون پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، جن فوت ٿيل عورت جو لاش ۽ زخمي شخص کي جناح اسپتال منتقل ڪيو.ضروري قانوني ڪارروائي بعد فوت ٿيل عورت جو لاش سندس مڙس حوالي ڪيو ويو، جيڪو جسدِ خاڪي کڻي پنهنجي آبائي ڳوٺ روانو ٿي ويو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ٻئي پاسي ملير شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 19/B جي ويجهو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سبب هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال ويندي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ويني ولد گووندا، عمر تقريباً 22 سال طور ڪئي وئي آهي، جيڪو مقامي رهاڪو هو. حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور موقعي تي پهتيون ۽ زخمي نوجوان کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس فوت قرار ڏنو ويو. پوليس واقعي بابت شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ڌار ڌار ٽريفڪ حادثا، عورت سميت
0 تبصرے