English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مرف خلاف احتجاجي مظاهرا
156 views
|
02nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مرف خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جنهن ۾ گھارو، جھرڪ، ٺٽو، ۾ مبينا ڪرپشن ۽ عملي کي هيسائڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. گھارو ۾ سرفراز سومرو، جي اڳواڻي ۾ حاجي قادر ميمڻ، ڊاڪٽر رياض شاهه، عالم الدين بروهي، امان الله سرڪي، دالدار خاصخيلي ۽ راڻا فاروق انور خاصخيلي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ۽ وڏي انگ ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ شهرين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مرف رٽائرڊ ملازم، ايم ايس جهرڪ جبار ميمڻ، اسپتال ۾ نه رڳو مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي پر پيراميڊيڪل عملي کي هيسائي ۽ ڌمڪائي رهيو آهي، جنهن سبب ڪم جو ماحول انتهائي خراب ٿي ويو آهي. اڳواڻن الزام هنيو ته اسپتالن ۾ دوائن سميت بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري مريضن سان گڏ عملي کي به سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته ٺٽي ضلعي جون اسپتالون مرف جي حوالي ٿيڻ کانپوءِ ڪرپشن وڌي وئي آهي ۽ عوامي مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور رٽائرڊ ايم ايس جهرڪ کي هٽايو وڃي، ٺٽي جون سڀ اسپتالون مرف کان واپس وٺي گورنمينٽ جا مستقل ايم ايس مقرر ڪيا وڃن، جيئن ملازمن جي پريشاني گهٽجي ۽ مريضن کي بهتر سهولتون ملي سگهن. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا ترت قبول نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ضلعي سطح تي تحريڪ هلائي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن ۾
0 تبصرے