صدام چانڊيو جي وارثن وٽ پورهيت اڳواڻن جو وفد پهچي ويو ، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پنج ڏينهن اڳ پاڪستان اسٽيل مل ڀرسان ڪاٺيون ڪندي فائرنگ ۾ مارجي ويل 14 سالن جي معصوم نينگر صدام چانڊيو جي وارثن وٽ اسٽيل مل جي پورهيت اڳواڻن جو وفد پهچي ويو مقتول جي خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو. مقتول جي والد اڪبر چانڊيو جي فرياد تي پاڪستان اسٽيل مل جي سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي ورڪر يونين جي صدر ڌڻي بخش سمون جي اڳواڻي ۾ پورهيتن جي وفد مقتول جي گهر پهچي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي والد اڪبر چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس معصوم پٽ کي ڪاٺيون ڪندي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو نينگر پڻ زخمي ٿيو آهي. هن الزام لڳايو ته معصوم ٻارڙن تي فائرنگ اسٽيل مل جي سيڪيورٽي گارڊن ڪئي آهي.اڪبر چانڊيو وڌيڪ چيو ته هو مسڪين ماڻهو آهن ۽ کين انصاف گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيندا.ان موقعي تي پورهيت اڳواڻ ڌڻي بخش سمون چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ ۽ ظلم وارو واقعو آهي. هن الزام لڳايو ته پاڪستان اسٽيل مل مان اربين رپين جون چوريون ۽ ڌاڙا اسٽيل مل انتظاميا جي سرپرستي ۾ ٿين ٿا، جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪار معصوم ڪاٺيون ڪندڙ ٻارڙن تي فائرنگ ڪري قتل ڪري رهيا آهن.ڌڻي بخش سمون وڌيڪ چيو ته هي سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ملوث سمورن قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته قتل ۽ چوريون پاڪستان اسٽيل مل جي انتظاميا جي سرپرستي هيٺ ٿي رهيون آهن، جنهن جو نوٽيس وٺڻ انتهائي ضروري آهي.
0 تبصرے