English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پڪاچانگ واسڻ ناريون ڪراچي ۾ دربدري جو شڪار، سندن گهرن ۽ ملڪيتن تي مبينا قبضا، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
5 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملیر (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلع خيرپور ميرس ، پڪا چانگ جي ڳوٺ حاجي محمد پريل چانگ جون نياڻيون رشيده چانگ ۽ ڪبره چانگ، جون ڪجھ ڏينھن اڳ ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ کان پوءِ وڌيڪ پريشاني ۾ اچي ويون جوابدارن پاران ڳولا ڪري مارڻ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون، نياڻيون ڪراچي ۾ دربدر، گھرن ملڪيتن تي قبضو جاري ننڍڙا معصوم ٻچا پريشان، تفصيل موجب ضلع خيرپور ميرس پڪا چانگ ڳوٺ محمد پريل چانگ جون نياڻيون رشيده چانگ ۽ ڪبره چانگ ڪراچي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ اسان ميڊيا ۾ جوابدارن وڪيل ڪاشف چانگ ،خان محمد، احمد علي، عبدالحفيظ، لياقت علي حضور بخش، عبدالغفور، محمد حسين چانگ ۽ ٻين خلاف دانھيو ھو اخبار ۾ خبرون لڳڻ کان پوءِ جوابدار وڌيڪ مڇرجي اسان کي مارڻ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن ، ان موقعي تي رشيده چانگ ٻڌايو ته جوابدارن اڳ ۾ به مون کي زبردستي پڪڙي تشدد ڪري اڇن پنن تي زوري سھيون ورتيون جنهن ڪري منهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار به زاء ٿي ويو، ان چيو ته ھيئنر جوابدار مون تي دٻاءُ وجهي رھيا آھن ته تون پنهنجي مڙس عبدالرزاق چانگ تي گواھي ڏي ته وڪيل ڪاشف چانگ جي ڀاءُ کي تنھنجي مڙس قتل ڪيو آهي ان روئيندي چيو ته منهنجو مڙس بيگناھ آهي ان تي ناحق جو ڪيئن گواھي ڏيان، ھن چيو ته جوابدارن اڇن پنن تي مون کان زبردستي سھيون ورتيون هيون ھيئنر ھو چون پيا ته اوهان جي گھرن مان جيڪا ملڪيت اسان کڻي ويا آھيون اھا به اوهان پاڻ لکت ۾ اسان جي حوالي ڪيو آهي،ان چيو ته جوابدار وڏا ظالم فراڊي آھن حد جي پوليس به انهن سان ٻٽ بڻيل آهي، جوابدار اثر رسوخ وارا ھجڻ ڪري انهن سياسي پٺڀرائي حاصل آهي اسان غريب آهيون ، اسان جي مردن تي ناحق خونن جي ڪيسن ۾ ڦاسائي ڪي جيلن ته بند ڪرايو ويو ،اسان نياڻيون دربدر آھيون، انھن وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور ميرس، کان اپيل ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پڪاچانگ واسڻ ناريون ڪراچي
0 تبصرے