رضاڪاراڻي طور تي ڪڻڪ نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: ڊي سي دادو

خوراڪ کاتي ۽ روينيو آفيسرن کي ڪڻڪ جو خريداري ٽارگيٽ ھر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ کپي

رضاڪاراڻي طور تي ڪڻڪ نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: ڊي سي دادو

دادو (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنردادو سيد مرتضي علي شاه چيوآهي ته خوراڪ کاتي ۽ روينيو جي آفيسرن کي ڪڻڪ جو خريداري ٽارگيٽ ھر صورت مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ، رضاڪاراڻي طور تي ڪڻڪ سرڪار کي نه ڏيندڙن خلاف ايڪشن کڻڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ ضبط ڪري گودامن ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي، اهڙواظهار هن سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي مقرر ٽارگيٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعلي سطحي گڏجاڻي ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ صدارت ڪندي ڪيو . هن واضع ڪيو ته سنڌ اندر سرڪار پاران مقرر ٽارگيٽ هر قيمت تي حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي هن وڌيڪ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته دادو جي واپارين کي گهرجي ته هو ڪڻڪ جي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاء ضلعي انتظاميه سان سهڪارڪن ۽ ان ڪم کي يقيني بنا ئڻ لاء واپاري تي هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني وڃي ته جيئن سرڪاري ٽارگيٽ مڪمل ڪري سگهجي ان لاء ضلعي انتظاميا خوراڪ کاتي سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ، حڪومت پاران مقرر ڪڻڪ جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڪارروائي کان پوئتي نه ھٽنداسين. هاڻي آبادگارن توڙي واپارين جي ذميواري آهي ته هو اوليتي بنيادن تي ڪڻڪ سرڪار کي ڏين ٻي صورت ۾ قانون مطابق بنا فرق جي ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ويندو. هن ضلعي روينيوآفيسرن کي خوراڪ کاتي جي عملدارن سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئڻ مقر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ڪري سگهجي.