نوشهروفيروز ۾ ڀرياسٽي واسي نوجوان جي قتل خلاف سندس وارثن جو احتجاج

ڳوٺ حسين ڪلهوڙو واسي اربيلو ڪلهوڙو جي وارثن عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز ۾ ڀرياسٽي واسي نوجوان جي قتل خلاف سندس وارثن جو احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڀرياسٽي ٿاڻي حد ڳوٺ حسين ڪلهوڙو ۾ 12 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان اربيلو ڪلهوڙو جي قتل جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جن جي اڳواڻي مقتول نوجوان جي امڙ ڀانڀيڻ ڪلهوڙو , ناناڻي , اڪمل , عبدالرحمان ۽ عبدالرشيد ڪلهوڙو ڪري رهيا هيا جن انصاف لاء نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي مقتول جي امڙ ۽ ٻين وارثن چيو ته 12 ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان اربيلو ڪلهوڙو رات جو هڪ وڳي پاڻيء جي واري تي هلڻ جي بهاني سان اعظم ۽ ياسين ڪلهوڙو گهران ننڊ مان اٿاري ويا صبح ٿيڻ تي نوجوان جي مارجي وڃڻ جي خبر ملي اسانجي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي ڪنهن سان به دشمني ناهي هنن چيو ته اربيلي جي قتل جو مک جوابدار غفار ڪلهوڙو آهي جيڪو هاڻي تر ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهي جنهن کي ڀريا پوليس اڃان تائين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي هنن مطالبو ڪيو نوجوان اربيلي ڪلھوڙو جي قتل ۾ ملوث سمورا جوبدار مک جوبدار عفار ڪلهوڙو عباس ڪلهوڙو , اعظم , ياسين , نيڪ محمد ڪلهوڙو ۽ نوشاد سهتو کي گرفتار ڪري نوجوان جي بيگناهه خون سان انصاف ڪيو وڃي