عمرڪوٽ پوليس پاران شهري جي گهر مان چوري ٿيل 10 مان 6 تولا سون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

شهري پرديپ لوهاڻي جي گهر مان 10 تولا سون چوري ٿيو، 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو: پوليس

عمرڪوٽ پوليس پاران شهري جي گهر مان چوري ٿيل 10 مان 6 تولا سون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) چار مهينا اڳ عمرڪوٽ جي رهواسي پرديپ لوهاڻي جي گهر ۾ ٿيل سون جي وڏي چوري واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي گھر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم سنجئه ڪمار عرف سنجو بجير ۽ ان جي والد مولچند بجير کي گرفتار ڪري 6 تولا سون رڪور ڪري ورتو، جڏهن باقي 4 تولا سون اڃان تائين گم آهي، فريادي پرديپ لوهاڻي موجب، ملازم سنجو بجير مختلف وقتن تي گهر مان دوکيبازي ڪندي سون چوري ڪري پنهنجي والد ۽ ڀائرن دليپ بجير ۽ ونود بجير حوالي ڪندو رهيو، پهرين مرحلي ۾ هن 2 سونيون منڊيون چوري ڪري ڀاءُ کي رڪشو وٺي ڏنو، بعد ۾ سونيون چوڙيون ۽ ڪڙو چوري ڪري مجموعي طور 10 تولا سون غائب ڪيو، پوليس فرياد تي چار ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي، جن مان ٻن جوابدارن کي عدالت ضمانت تي آزاد ڪيو هو، پوليس موجب انهن جي ضمانتن جي منسوخي لاءِ درخواست ڏني ويندي ته جيئن باقي رهيل 4 تولا سون به رڪور ٿي سگهي، ايس ايڇ او احمد بخش راهمون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ شهر جو امن امان اسان جي پهرين ترجيح آهي، شهري پوليس سان تعاون ڪن، چورن ۽ منشيات فروشن جي نشاندهي ٿيندي ته فوري ڪاروائي ڪئي ويندي، سٽي جي پوليس جي ڪارروائي سان ڪيترائي اهم راز سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن تہ باقي رهيل سون جي رڪوري وارو معاملو به جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.