ڏوڪري ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر حددخلين خلاف شهر ۾ نڪري پئي، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ

شهر ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي دوران دڪانن آڏو ٺهيل 30 کان وڌيڪ دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا

ڏوڪري ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر حددخلين خلاف شهر ۾ نڪري پئي، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ حددخلين خلاف اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري جو آپريشن، 30 کان وڌيڪ دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ڏوڪري ۾ وڌيل حددخلين ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، مختيار ڪار عبدالباسط موريو، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير، اسٽنٽ مختيار ڪار ڪامران ضمير منگي پاران آپريشن شروع ٿي ويو آهي ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي، مختيار ڪار عبدالباسط موريو جي موجودگي ۾ مختلف هنڌن، مين بازار، ڀٽائي بازار، ريشم گلي، پريم بازار، مهراڻ چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي دوڪانن آڏو قبضا ڪري ٺاهيل 30 کان وڌيڪ دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا. اسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي حددخلين خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي. هوڏانهن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، عمير جوڻيجو، ساجد باغ جتوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حددخلين خلاف ٿيندڙ آپريشن جانبدار آهي، شهر جي گهٽين ۾ ڪيترن ماڻهن ئي قبضا ڪري ڇڏيا آهن روينيو کاتي جي عملدارن پاران شهر م نالي ماتحت حددخلين خلاف ڪاروائي ڪري ڦوٽون سيڪشن ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير غيرجانبدار آپريشن شروع ڪري گهٽين ۽ شهر جي مين بازارن مان قبضا ختم ڪرائي حددخلين ڪارروائي ڪئي وڃي.