English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي هندو پاڙي ۾ واپاري طرفان گهٽي تي مبينا قبضو
87 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
واپاري عام رستي جي وچ ۾ دڪان ٺاهي ڇڏيو آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ شهر جي هندو پاڙي ۾ بااثر واپاري طرفان گهٽي جي وچ ۾ دڪان ٺاهي عام رستو بند ڪرڻ تي علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته واپاري شخص بنا ڪنهن قانوني اجازت ۽ نقشا منظور ڪرائڻ جي گهٽي تي قبضو ڪري دڪان تعمير ڪيو آهي، جنهن سبب پاڙي جا رهواسي ۽ گڏاپ جا شهري متاثر ٿيا آهن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ مڪمل طور تي بند ٿي وئي آهي مقامي رهواسن موجب هن گهٽي ذريعي روزانو سوين ماڻهو پنهنجي گهرن، ڪاروبارن، اسڪولن ۽ عبادتگاهه ڏانهن ويندا هئا، جڏهن ته هاڻي رستو تنگ ٿيڻ ۽ بند ٿيڻ سبب بزرگن، عورتن، ٻارن ۽ بيمار ماڻهن کي شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا واپاري کي سمجهايو ويو ته گهٽي سرڪاري ملڪيت آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، احتجاج ڪندڙ شهرين الزام هنيو ته واپاري جي اثر رسوخ سبب پوليس ۽ مڪاني انتظاميا شڪايتن باوجود ڪو به قدم نه کنيو، جنهن ڪري علائقي ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني وڌي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن ڊپٽي ڪمشنر ملير، گڏاپ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺي گهٽي تان ناجائز تعمير ختم ڪرائي رستو بحال ڪرائين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ جي هندو پاڙي ۾ واپاري
0 تبصرے