سجاول ۾ کلي ڪچهري، صوبائي وزير شاهينا شير علي آڏو ماڻهن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

سجاول ۾ کلي ڪچهري، صوبائي وزير شاهينا شير علي آڏو ماڻهن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

سجاول (رپورٽر) عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينا شير علي جي صدارت هيٺ شايان بينڪوئيٽ سجاول ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلع سجاول جي عوام طرفان صحت، تعليم، روزگار، بنيادي سهولتن، ٿيليسيميا سينٽر، ڪاليج، يونيورسٽي ڪيمپس ۽ منشيات جي خاتمي بابت مختلف مسئلا پيش ڪيا ويا. کلي ڪچهري ۾ پ پ اڳواڻ سيد شفقت حسين شاه شيرازي, ايم پي ايز هير سوهو، ريحانه لغاري، شاه حسين شاه شيرازي، ضلع ڪائونسل چيئرمين دانش خان ملڪاڻي،، نصير شاه شيرازي، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند، ايس ايس پي علينا راڄپر سميت مختلف کاتن جا عملدار، پ پ اڳواڻ، ورڪر ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير شاهينا شير علي خطاب ڪندي چيو ته کلي ڪچهري جو مقصد عوام جا مسئلا روبرو ٻڌي، انهن کي وزيراعلیٰ سنڌ تائين پهچائڻ ۽ جلد حل ڪرائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”پیپلزپارٽي جو منشور روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان آهي. پيپلزپارٽي هميشه روزگار فراهم ڪيو آهي، کسيو ناهي.“ هن چيو ته سنڌ حڪومت، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت پيپلز هائوسنگ اسڪيم، صحت ۽ تعليم جي بهتري، عورتن جي ڀلائي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ سنجيدا قدم کنيا آهن. هن چيو ته گرين، پنڪ ۽ پيپلز بس سروس جيان سجاول ۾ به ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ ٽرانسپورٽ واري وزير کي درخواست ڪئي ويندي ته جيئن هتان جون مائون، ڀينرون کي سفر ۾ آساني ٿي سگهي. هن چيو ته عورتن کي هنر سيکارڻ جا پروگرام ڏنا ويندا، صحت، پولیس تعليم ۽ روزگار جا مسئلا حل ڪرڻ ترجيحي آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ فوري منشيات فروشن تي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي. هن چيو ته هتي بلڊ بينڪ به هئڻ گهرجي ته جيئن ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارن کي پريشاني کان بچائي سگهجي. هن چيو هي مسئلا توهان جا نه پر اسان جا مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ پ پ جي سنڌ حڪومت جو ڪم آهي. هن يقين ڏياريو ته مقامي اين جي اوز ۾ ڀرتين لاءِ مقامي نوجوانن کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن هو معاشي طور مضبوط ٿي سگهن. هن چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي اسان بهادر شهيد بينظير ڀٽو جي واٽ تي هلندي عوام ۾ موجود آهيون ته جيئن پنهنجي عوام جي خدمت ڪري سگهون. تقريب دوران صوبائي وزير ماڻهن کان درخواستون وصول ڪيون ۽ کين مسئلا جلد حل ڪرڻ جي ڀرپور يقين پڻ ڏياريو. ان موقعي تي ايم پي اي ريحانه لغاري، هير سوهو، شاه حسين شاه شيرازي، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.