English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر جي کوسا ڳوٺ ۾ پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ويو
110 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
هڪ مهيني کان پاڻي فراهمي بند آهي نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گهگهر کوسا ڳوٺ ۾ پاڻي بحران هڪ مهيني کان برقرار آهي، جنهن سبب رهواسين جو صبر جواب ڏئي ويو آهي۔ مسلسل پاڻي بندش، پاڻي ڍڪ لاءِ انتظاميا جون بي حسيون ۽ مسئلو حل نه ٿيڻ تي بالآخر متاثر ڳوٺاڻن پنهنجن ٻارڙن سميت روڊن تي نڪري اچي سخت احتجاج ڪيو۔احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ انڊسٽرن جا خالي برتن، بالٽيون ۽ بڪيون کڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ اهم روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ به گهڻي وقت تائين معطل رهي۔ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارن شديد گرمي ۽ تڪليف باوجود پنهنجي آواز بلند ڪيوجيستائين پاڻي بحال نه ٿيندو، روڊ نٿا کوليون واسين جو اعلان، احتجاج دوران ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهيني کان پڪو پاڻي بند پيو آهي، هر در تي دانهن پٽي آهي پر ڪن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن۔ هنن چيو ته پاڻي جهڙي بنيادي حق کان محروم رکڻ ظلم کان گهٽ ناهي۔رهواسين جو چوڻ هو ته جيستائين اسان جي ڳوٺ جو پاڻي بحال نٿو ڪيو وڃي، تيستائين روڊ ڪون ڪنداسين، اسان وٽ ٻارڙا بيمار ٿي رهيا آهن، پيراپيرا ڪري ٿڪجي پيا آهيون عورتن جو چوڻ هو ته گھرن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، کائڻ پچائڻ، ڌوئڻ سميت هر ڪم متاثر ٿي رهيو آهي۔ ڪيترائي چڪر کڻي به ٽينڪر يا انتظاميا ڪابه سهولت فراهم نه ڪري رهي آهي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته هو ڪيترائي ڀيرا يوسي آفيس، واٽر بورڊ، ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري چڪا آهن پر کين رڳو تسلي ڏني وئي، احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پاڻي جي فراهمي فوري طور بحال نه ڪئي وئي ته هو پنهنجو احتجاج وڌائيندا، روڊن تي ڌرڻو جاري رکندا ۽ وڏي پيماني تي تحريڪ هلائيندا۔ڳوٺاڻن وزيراعليٰ سنڌ، مڪاني نمائندن ۽ واٽر بورڊ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ ۽ مسئلو فوري حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ته جيئن علائقي جا ماڻهو بنيادي ضرورتن کان محروم نه رهڻ هوڏانهن پوليس پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولائي ڇڏيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهگهر جي کوسا ڳوٺ ۾
0 تبصرے