English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ سالن گوليون هڻي ڀيڻيوي کي قتل ڪري ڇڏيو
73 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سالن جي فائرنگ سبب 45 ورهين جو عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهو ڪلمتي مارجي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني ۾ سالن هٿان ڀيڻايو عبدالطيف ڪلمتي قتل ملير ڀينس ڪالوني ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي سالن جي فائرنگ سبب 45 ورهين جو عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهو ڪلمتي مارجي ويو۔ واقعو ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12 رحمانيه مسجد جي ويجهو مقتول جي گهر ۾ پيش آيو۔وارثن موجب، مقتول جا سالا ديدار ڦلپوٽو ۽ طارق ڦلپوٽو گذريل رات دير سان گھر ۾ زبردستي گهُڙي آيا ۽ بنا ڪنهن سبب جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالطيف ڪلمتي کي ڪيتريون ئي گولين لڳيون ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔مقتول جي والد پنهو ڪلمتي ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته انهن جي جوابدارن سان ڪا دشمني نه هئي پر سالن گهر ۾ گهُڙي ظلم جي انتها ڪندي نوجوان کي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو ، جيڪو بدترين دهشتگردي عمل آهي۔وارثن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي طرف مقتول عبدالطيف ڪلمتي جي نماز جنازه پيرانو گوٺ ڀينس ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهو ڪلمتي مارجي ويو
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ سالن گوليون
0 تبصرے