English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ فيس بڪ فرينڊس پاران شهيد بينظيرڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ۾ تقريب
67 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل نمايان رضاڪارن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ۾ سماجي خدمتن ۽ رضاڪارن جي مڃتا لاءِ سرگرم تنظيم “سنڌ فيس بڪ فرينڊس” پاران شهيد بينظير ڀٽو لائبريري، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رضاڪارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان سماجي ڪارڪنن، اديبن، استادن، عورت دانشورن، پورهيت اڳواڻن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل نمايان رضاڪارن کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ فيس بڪ فرينڊس جي ڪنوينر احمد سومري چيو 5 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رضاڪارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اسان به هن ڏينهن تي انهن سماجي رضاڪارن کي مڃتا ڏيون ٿا، جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا. هر سال هن ڏينهن تي مددگار ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اعزاز سان نوازيو ويندو آهي.ڊاڪٽر ماروي پليجو خطاب ڪندي چيو ته: سنڌ جا رضاڪار ڏينهن هجي يا رات، آفتون هجن يا سانحا هميشه اڳڀرا ۽ سرگرم رهيا آهن. نوجوان سماجي رضاڪار اشفاق سبزوئي چيو رضاڪار ڪنهن به معاشري جو قيمتي اثاثو آهن. اسان وٽ ڪيترين ئي منظم رضاڪار تنظيمن سماج جي ترقي لاءِ شاندار ڪم ڪري رهيون آهن. رضاڪارن جي مڃتا ڏيڻ بهترين عمل آهي. سماجي اڳواڻ ۽ شاعر آغا سعيد چيو جيڪو شخص بنا ڪنهن مفاد جي ٻين جي مدد ڪري، اهو حقيقي رضاڪار ٿو سڏجي. سنڌ فيس بڪ فرينڊس اهڙي خوبصورت روايت کي زنده رکيو آهي. نوجوان سماجي ڪارڪن حنيف سومرو چيو هر انسان جو فرض آهي ته هو سماج ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. سماجي ڪارڪن عبدالرحمان ڪهيري چيو ڪيترائي ماڻهو رضاڪار طور خدمت ڪن ٿا پر انهن جي خدمت جي مڃتا گهٽ ٿئي ٿي. سنڌ فيس بڪ فرينڊس ڪيترن سالن کان هي کوٽ پوري ڪري رهيو آهي.تقريب ۾ رخسانا سومرو، عقبا بانو، سعود حسين، ڊاڪٽر روي، ارشد عباسي، عمران سومري، اڪسير سومري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيوتقريب ۾ عادل عباسي ۽ وقار لاشاري پنهنجي فن جو پڻ مظاهرو ڪيو، جڏهن تہ م مختلف طبقن جي شخصيتن جي شاندار شرڪت تقريب کي وڌيڪ رونق بخشي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان تحریک انصاف کے جلسے کے دوران ڈیوٹی میں غفلت، آئی جی سندھ نے 5 ڈی ایس پیز کو ہٹا دیا، 6 ایس ایچ اوز معطل
15th Jan 2026
•
سندھ
بی جی سی کا سی آر اے نومتخب باڈی کے اعزاز میں ظہرانہ
15th Jan 2026
•
سندھ
لوکل باڈیز رپورٹرز ایسوسی ایشن(لبرا) کے زیر اہتمام صحافتی خدمات، حقوق و مسائل پر شاندار تاریخی "لوکل باڈیزجرنلسٹس کنونشن " کا انعقاد
15th Jan 2026
•
سندھ
ہنگورجا فوڈ سینٹر میں رکھی گندم کے خراب ہونے پر نوٹس
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ واري واقعي جو ٽريڪٽر ڊرائيور گرفتار
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس جون ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، ڪيترائي گرفتار
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان سامان چوري، ڪيترائي ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ فيس بڪ فرينڊس
سماجي خدمتن ۽ رضاڪارن جي مڃتا لا
0 تبصرے