English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل آر او فلٽر پلانٽ عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل
63 views
|
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب جي ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ قائم آر او پلانٽن جو تفصيلي دورو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل آر او فلٽر پلانٽ عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، جڏهن ته پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان علائقي جا ماڻهو اڄ به محروم آهن۔عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي ٽيم پاران ورتل زميني حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ورتل جائزي دوران درگاهه حضرت ابراهيم شاھ جيلاني، درگاهه مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي سميت ٺٽي ۽ مڪلي جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيترائي آر او پلانٽ مڪمل طور بند پيل نظر آيا۔گڏ ڪيل ڄاڻ ۽ ورتل جائزي موجب درگاهه حضرت ابراهيم شاھ جيلاني تي قائم فلٽر پلانٽ گذريل ڪافي عرصي کان غيرفعال آهي۔ ڄاڻ موجب 2006ع ۾ قائم ڪيل هن پلانٽ جي هڪ هزار ليٽر پاڻي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪو جنريٽر تي هلندو هو، پر نه ته ھاڻي ڊيزل مهيا ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ڪنھن ٻي متبادل توانائي جو انتظام موجود آهي۔حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پلانٽ جا سولر پينل ۽ بيثريون لاڳاپيل آفيسرن پاران واپس کڻائي وڃڻ جا به اطلاع مليا آهن، جنهن جي شفاف انڪوائري ٿيڻ لازمي قرار ڏني پئي وڃي۔ پلانٽ واري هنڌ تي گندگي جا ڍير لڳل آهن، جڏهن ته پلانٽ مٿان اڏيل ڇت جي لوھي چادر به مڪمل طور سڙي ختم ٿي چڪي آهي۔ ڇت ختم ٿيڻ بعد سج جي تپش ۽ برساتن سبب قيمتي مشينري کي سخت نقصان پهتو آهي۔اتي مقرر ملازمن ٻڌايو ته 2006ع کان وٺي اڄ تائين کين پڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ معمولي پگهار عيوض کانئن ڪم ورتو وڃي ٿو۔ جڏهن ته مقامي رهواسين شڪايت ڪندي چيو ته هن وقت علائقي ۾ صاف پاڻي ميسر ناهي ۽ لاڳاپيل کاتي پاران مبينا ڪرپشن ڪئي پئي وڃي۔ساڳئي ٽيم جڏهن مڪلي ۾ مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي جي مزار تي قائم آر او پلانٽ جو دورو ڪيو ته اتي به پلانٽ وارو ڪمرو بند پيل مليو، جڏهن ته معلوم ٿيو ته هي پلانٽ پڻ گذريل ڇهن مهينن کان مڪمل طور غيرفعال آهي، جنهن سبب زائرين ۽ علائقي واسي سخت پريشاني جو شڪار آهن۔شهرين جو چوڻ آهي ته آر او پلانٽ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپين سان لڳايا ويا هئا، پر پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي مبينا ڪرپشن، نااهلي ۽ عدم توجه سبب اهي منصوبا ناڪام بڻجي ڇڪا آهن۔ ڪرپشن ۽ بدانتظامي هر هنڌ عيان آهي، جڏهن ته ذميوار عملدار خاموش تماشائي بڻيل آهن۔شهرين، سماجي حلقن ۽ صحافين سنڌ جي اعليٰ اختيارين، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ ۽ اينٽي ڪرپشن اداري کان مطالبو ڪيو آهي ته آر او پلانٽ منصوبن بابت اڻڌري ۽ شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بند پيل فلٽر پلانٽن کي فوري طور فعال بڻائي عوام کي صاف پاڻي جهڙي بنيادي حق کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت
0 تبصرے