English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ھڪ ڏينھن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم
300 views
|
18th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن تنظيم پاران العباس ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪيمپ لڳائي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن تنظيم پاران العباس ميڊيڪل سينٽر عمرڪوٽ جي تعاون سان غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ھڪ ڏينھن جي ميگا فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، ميڊيڪل ڪئمپ دوران مختلف شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين پاران مريضن جو مفت طبي معائنو ڪيو ويو، جن ۾ عام بيماريون، عورتن ۽ ٻارن جون صحت مسئلا، بلڊ پريشر، شگر، اکين ۽ ٻين بنيادي طبي چيڪ اپ شامل هئا، جنھن ۾ مريضن کي مفت طبي صلاحون ۽ آگاهي پڻ فراهم ڪئي وئي، ان موقعي تي فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن جي صدر ڊاڪٽر الهداد راٺوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان اھو ڪئمپ گذريل چئن سالن کان لڳائيندا پيا اچون ھن ڪئمپ جو مقصد غريب ۽ مستحق ھزارين مريض جيڪي غربت سبب ڪنھن سٺي ۽ ماھر ڊاڪٽر جي مشوري کان محروم آھن ھنن لاءِ اسان جو قدم کنيو آھي، ڊاڪٽر ياسمين حسيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ تنظيم ۽ العباس ميڊيڪل سينٽر جي گڏيل ڪوششن سان ھر سال جيان ھن سال بہ ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ تي آئون سموري ٽيم کي جس ڏيان ٿي جنهن ان ڪئمپ جي لاءِ رات ڏينهن ھڪ ڪري پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن تائين اھو پيغام پھچائي ڏاڍو زبردست ڪم ڪيو، فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن تنظيم جي سي اي او انجنيئر محمد مشتاق راٺوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ صحت هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ اهڙيون ميڊيڪل ڪئمپس سماج جي ڪمزور طبقن لاءِ اميد جي ڪرن ثابت ٿين ٿيون، هن وڌيڪَ چيو تہ مستقبل ۾ به تعليم، صحت، صاف پاڻي، نوجوانن جي بااختياري ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ اهڙا قدم جاري رکيا ويندا، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر چيو تہ جتي مهانگيون دوائون ۽ علاج ڪيترن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهن، اتي فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن پاران منعقد ڪيل ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ اميد، سهاري ۽ شفا جو ذريعو بڻجي، ڪئمپ ۾ آيل ڊاڪٽر نند لال، ڊاڪٽر نيل ڪنٺ، ڊاڪٽر حنا ناز، ڊاڪٽر سلمه حنيف آريسر، ڊاڪٽر محمد احسان ۽ ڊاڪٽر ارشاد احمد ڀٽو ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مريضن جو مفت ۾ معائنو ڪيو، ان موقعي تي علائقي جي معزز شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ عوام پاران هن ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ کي ساراهيو ويو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آخر ۾ تنظيم پاران ميڊيڪل ٽيم، رضاڪارن ۽ سهڪار ڪندڙ ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ويو، جن جي تعاون سان هي سماجي خدمت جو عمل ممڪن بڻيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے ایران پر فضائی حملے شروع کر دیے
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم
عمرڪوٽ ۾ غريب ۽ مستحق مريضن
فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ
0 تبصرے