استاد گل محمد بجير کي گلن جا هار پارايا ويا، روايتي لوئيون اوڍايون ويون ۽ اسڪول کان گهر تائين قافلي ۾ پهچايو ويو
مٺي (رپورٽر) گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي ۾ استاد گل محمد بجير جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سندس خدمتن کي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ هڪ باوقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر شمس الدين راٺوڙ، ارجن لال سوٽھڙ،ماما وشن ٿري ، ايڊوڪيٽ سبحان سميجو ، ٽي اي او عطا الرحمان، غلام محمد محمداڻي، تاج محمد بجير ، هدايت الله بچاڻي، ڪيلا لوڍا، جيتيش راٺي ، اسلم بجير، ايڊووڪيٽ عاشق علي، نياز محمد، اڪرم لاھوتي، سجاد خميساڻي ، هنيش راٺي ، گينو مل، باغ علي خميساڻي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي جي اسٽاف شرڪت ڪئي.تقريب دوران استاد گل محمد بجير کي گلن جا هار پارايا ويا، روايتي لوئيون اوڍايون ويون ۽ اسڪول کان سندس گهر تائين قافلي ۾ پهچايو ويو.انهي موقعي تي ڳالهائيندي شرڪت ڪندڙن چيو ته استاد گل محمد بجير بهتر استاد ، مخلص انسان ۽ شاگردن جو خيرخواهه رهيو. هن پنهنجي پوري سروس دوران ايمانداري ۽ محنت جو عملي مثال قائم ڪيو. اهڙا استاد ادارن جو سرمايو هوندا آهن، جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي علم جي روشني پکيڙيندا آهن. استاد گل محمد بجير جو رويو ۽ سٺو اخلاق ھميشج هڪ مثال رهندو.
0 تبصرے