عمرڪوٽ ۾ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاه جي سالگرهه جي تقريب منعقد

v

عمرڪوٽ ۾ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاه جي سالگرهه جي تقريب منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سيد امير علي شاه جي سالگرهه جي خوشي ۾ اوطاق سيد علي مردان شاه، عمرڪوٽ ۾ شاندار ۽ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جي ميزباني سيٺ مدن لال سوماڻي ۽ حاجي فيصل صديق ناگوري ڪئي، جتي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويو، تقريب ۾ عمرڪوٽ شهر سميت آس پاس جي علائقن مان آيل سوين ماڻهن شرڪت ڪري محفل کي خوب رونق بخشي، سياسي، سماجي ۽ معزز شخصيتن جي وڏي انگ ۾ موجودگي تقريب کي يادگار بڻائي ڇڏيو، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ايم پي اي سيد امير علي شاه کي سالگرهه جون دلي واڌايون پيش ڪيون ۽ سندس درازي عمر، بهتر صحت ۽ عوامي خدمتن ۾ وڌيڪَ ڪاميابين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، تقريب دوران مهمانن جو چوڻ هو ته سيد امير علي شاه هميشه عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ سندس خدمتون قابلِ تحسين آهن، آخر ۾ مهمانن لاءِ تواضع جو پڻ اهتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪامريڊ رسول بخش رحيمداڻي، رجب علي سٺيو اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ، ابرار احمد مختيارڪار عمرڪوٽ، احمد علي راهمون ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ، رضوان احمد شيخ ايس ڊي او پراونشل هاءِ وي عمرڪوٽ، سيد ساجد علي شاه سي ايم او ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ، انجنيئر پبلڪ هيلٿ عمرڪوٽ، حيدر شاه پبلڪ هيلٿ عمرڪوٽ، برهان الدين ڪنڀار پي پي پي سينيئر وائيس پريزينڊنٽ عمرڪوٽ، ڊاڪٽر گهنشام داس بجير پي پي پي انفارميشن سيڪريٽري عمرڪوٽ، ڪمار ٽلواڻي وائيس چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ، لال خان خاصخيلي ،ارباب انڙ، غلام مصطفي ڪنڀر، عاشق خاصخيلي، ڀڳت ڏيسر، لالچند کتري، واحد سمون، چيتن ڪرماڻي، عاشق ھاليپوٽو، چاڪر مري، سميت شهر جا معزز ماڻهون وڏي انگ ۾ موجود هئا، شهر واسين سيد امير علي شاه جي عوام دوست روئيي، مسئلن جي فوري ٻڌڻي ۽ عملي قدمن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته عمرڪوٽ جا مسئلا جلد حل ٿيندا.