ايران سان تجارت تي آمريڪي وار، ٽرمپ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو..!!

غلام مصطفيٰ جمالي

ايران سان تجارت تي آمريڪي وار، ٽرمپ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو..!!

عالمي سياست جڏهن به طاقت جي زبان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿي ته ان جا اثر رڳو بيانن تائين محدود ناهن رهندا، پر قومن جي معيشتن، سماجن ۽ انساني زندگين تي گهرا نشان ڇڏي ويندا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن تي پنجويهه سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان به اهڙي ئي هڪ فيصلي طور سامهون آيو آهي، جيڪو رڳو ايران لاءِ نه، پر پوري دنيا لاءِ نئين بحران جو در کوليندو نظر اچي ٿو. هي اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن ايران اندر حڪومت مخالف مظاهرا جاري آهن، سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ خطي ۾ اڳ ئي بيچيني موجود آهي. ٽرمپ جو هي قدم معاشي دٻاءَ کان اڳتي وڌي هڪ کليل سياسي ۽ سفارتي پيغام بڻجي ويو آهي، جنهن جو مقصد ايران کي اڪيلو ڪرڻ سان گڏ انهن ملڪن کي به سزا ڏيڻ آهي، جيڪي ايران سان ڪنهن به قسم جي واپاري لاڳاپي ۾ آهن. صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروتھ سوشل تي اعلان ڪندي چيو ته ايران سان تجارت ڪندڙ هر ملڪ تي اضافي پنجويهه سيڪڙو ٽيرف فوري طور تي لاڳو ڪيو ويندو ۽ ان فيصلي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. هن اعلان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ عالمي واپار کي به هٿيار طور استعمال ڪرڻ کان نه ٿو ڪيٻائي. هي قدم عالمي واپاري اصولن، سفارتي روايتن ۽ بين الاقوامي قانونن جي ابتڙ محسوس ٿئي ٿو، ڇو ته واپار قومن کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، پر هتي ان کي سزا ۽ دٻاءَ جي اوزار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. آمريڪا اڳ به ايران تي سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪندو رهيو آهي، جن جو مقصد ايران کي عالمي نظام کان ڌار ڪرڻ هو. پر هاڻي ٽرمپ انتظاميا هڪ قدم اڳتي وڌندي انهن ملڪن کي به نشاني تي آڻي ڇڏيو آهي، جيڪي ايران سان واپار ڪن ٿا. هي قدم دنيا کي نئين ٽريڊ وار ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو، جتي ملڪ سياسي دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجي معاشي مفادن کي قربان ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. اهڙي صورتحال عالمي منڊين ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪندي، تيل جي قيمتن ۾ اتار چڙهاءُ آڻيندي ۽ آخرڪار عام ماڻهن جي زندگيءَ کي وڌيڪ مهانگو بڻائيندي. هي فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر اڳ ئي ايران ۾ مداخلت جون ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي. غير ملڪي خبر رساں ادارن موجب ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا اهو واضح ڪري چڪو آهي ته آمريڪا وٽ ايران خلاف انتهائي سخت آپشن موجود آهن، جن ۾ فوجي ڪارروائي به شامل آهي. آمريڪي انتظاميا اهو به ظاهر ڪري رهي آهي ته هو ايراني اپوزيشن جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهن. اهڙيون ڳالهيون صرف سفارتي دٻاءُ ناهن، پر ايران جي اندروني سياست ۾ مداخلت جو کليل اظهار آهن، جيڪي ڪنهن به خودمختيار رياست لاءِ قبولڻ جوڳيون ناهن. ٻئي پاسي ايران اندر حالتون انتهائي ڳڻتي جوڳيون بڻجي چڪيون آهن. مختلف شهرن ۾ حڪومت مخالف مظاهرا جاري آهن، جتي سيڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرين وچ ۾ ٽڪراءَ وڌي رهيا آهن. آمريڪي انساني حقن جي هڪ تنظيم جي دعويٰ موجب، ٻن هفتن کان جاري احتجاجن دوران لڳ ڀڳ چار سئو نوي ماڻهو مارجي چڪا آهن. جيڪڏهن هي انگ اکر درست آهن ته اها صورتحال هڪ وڏي انساني الميي کان گهٽ ناهي. انساني جانين جو اهڙي وڏي تعداد ۾ ضايع ٿيڻ نه رڳو ايران، پر پوري دنيا لاءِ هڪ اخلاقي سوال بڻجي چڪو آهي، جنهن تي خاموش رهڻ انسانيت سان ناانصافي جي برابر آهي. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي بيانن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي صدر جي اها ڳالهه ته جيڪڏهن احتجاج خونريز ٿيو ته فوجي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، دراصل دهشتگرد عنصرن کي همٿائڻ جي برابر آهي. سندس چوڻ آهي ته اهڙيون ڌمڪيون احتجاجن کي وڌيڪ ڀڙڪائين ٿيون ۽ صورتحال کي قابو کان ٻاهر ڪري سگهن ٿيون. عراقچي اهو به واضح ڪيو آهي ته ايران آمريڪا طرفان موڪليل تجويزن جو بارڪ بيني سان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ آمريڪي خصوصي نمائندي اسٽييو وِٽڪوف سان رابطا اڃا تائين قائم آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڳالهين جو رستو مڪمل طور بند ناهي ٿيو، پر اعتماد جو بحران انتهائي ڳرو ٿي چڪو آهي. هن سڄي عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ پري اميگريشن ڪليئرنس تي اتفاق جهڙا قدم دنيا کي اهو پيغام ڏين ٿا ته اڃا به اهڙا ملڪ موجود آهن، جيڪي تڪرار بدران تعاون، سهولتن ۽ ماڻهن جي آساني کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. هڪ پاسي جنگي ماحول، پابنديون ۽ ڌمڪيون آهن، ته ٻئي پاسي واپار، سفر ۽ لاڳاپن کي آسان بڻائڻ جون ڪوششون. هي تضاد واضح ڪري ٿو ته عالمي سياست ٻن انتهاوَن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي، جتي هڪ پاسي طاقت جو غرور آهي ته ٻئي پاسي تعاون جي ضرورت. ٽرمپ جي اعلان ڪيل اضافي ٽيرف جو اثر رڳو ايران تائين محدود نه رهندو. اهي سڀ ملڪ جيڪي ايران سان تيل، گئس، زرعي شين يا صنعتي سامان جي واپار ۾ شامل آهن، سي به هن فيصلي کان متاثر ٿيندا. چين، روس، ترڪي، پاڪستان ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ايران سان واپار ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي ملڪ آمريڪي دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجا لاڳاپا گهٽائين ٿا ته ايران جي معيشت وڌيڪ ڪمزور ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اهي ملڪ آمريڪي فيصلي کي نظرانداز ڪن ٿا ته عالمي واپار ۾ نوان تڪرار جنم وٺندا، جيڪي پوري دنيا کي متاثر ڪندا. ايران اڳ ئي سخت معاشي پابندين سبب وڏي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. مهانگائي وڌي چڪي آهي، بيروزگاري عام ٿي وئي آهي ۽ ڪرنسي جي قدر ۾ لڳاتار گهٽتائي ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته معاشي پابنديون گهڻو ڪري حڪمرانن بدران عام ماڻهن کي سزا ڏين ٿيون، جنهن جو نتيجو سماجي بيچيني، احتجاجن ۽ عدم استحڪام جي صورت ۾ نڪري ٿو. جڏهن عوام مايوس ٿئي ٿو ته رياست لاءِ صورتحال سنڀالڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿي. آمريڪا جي وچ اوڀر بابت پاليسي هميشه کان تنقيد هيٺ رهي آهي. عراق، افغانستان، شام ۽ ليبيا جا مثال اڄ به دنيا آڏو آهن، جتي مداخلت امن بدران تباهي آندي. جيڪڏهن ايران سان به ساڳيو رستو اختيار ڪيو ويو ته ان جا نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ايران هڪ وڏو ملڪ آهي، مضبوط فوجي صلاحيت رکي ٿو ۽ خطي ۾ ان جا گهرا اثر آهن. هتي ڪنهن به قسم جي فوجي ڪارروائي پوري وچ اوڀر کي جنگ جي باهه ۾ اڇلائي سگهي ٿي، جنهن جا اثر عالمي سطح تي محسوس ڪيا ويندا. اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومن، عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. رڳو بيان جاري ڪرڻ سان مسئلا حل نٿا ٿين. ڳالهين، سفارتڪاري ۽ سياسي حل کان سواءِ ڪو به رستو پائيدار ناهي. دنيا کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو طاقت جي سياست جاري رکندي يا انسانيت، امن ۽ انصاف کي اوليت ڏيندي. جيڪڏهن عالمي ادارا به خاموش تماشائي بڻيل رهيا ته تاريخ کين به معاف نه ڪندي. آخر ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ايران جي چوڌاري وڌندڙ معاشي گهيراءُ، آمريڪي ڌمڪيون ۽ اندروني احتجاج هڪ اهڙو خطرناڪ ميل ميلاپ بڻجي چڪا آهن، جيڪو ڪنهن به وقت وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. دنيا اڳ ئي جنگين، معاشي بحرانن ۽ ماحولياتي خطرن سان وڙهي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ نئون تڪرار پيدا ڪرڻ انسانيت لاءِ وڌيڪ مصيبتون کڻي اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن وقت سر سمجهه کان ڪم نه ورتو ويو ته تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر لکندي ته طاقت جي غرور ۾ انسان امن جو رستو وڃائي ويٺو.