سٽي ۽ تعلقي سجاول تي استاد دوست پينل بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي
سجاول (رپورٽر)پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن سجاول جي اليڪشن ٿي جنھن ۾ بنا مقابلي سٽي ۽ تعلقي سجاول تي استاد دوست پينل ڪاميابي ماڻي جڏھن تہ مير پور بٺوري تي علي مير اڪبر شاھ مجاھد پينل جاتي تي جئي ڀياڻي پينل شاھبندر تعلقي تي پڻ پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿيا سٽي سجاول تي صدر عبدالشڪور ميربحر جنرل سيڪريٽري تي امين سرواڻ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي تعلقي سجاول تي احمد ملاح صدر جنرل سيڪريٽري خالد سمون بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا جاتي تعلقي تي صدر فرزند خواجه جنرل سيڪريٽري تي غلام عباس پيراڻو ڪامياب ٿيا ميرپور بٺوري تي صدر ربڏنو ڪنڀار جنرل سيڪريٽري منور شورو ڪامياب ٿيا شاھبندر تعلقي تي صدر اياز آخوند ۽ جنرل سيڪريٽري غلام رسول اوٺو بنا مقابلي چونڊيا ويا جڏھن ٻئي پاسي شڪور سارنگ جي حمايتي پينل استاد اتحاد پاران تعلقي سجاول ۽ سٽي سجاول تي الڳ سان پينل نامزد ڪري الڳ اليڪشن ڪري پينل کي بنا مقابلي ڪامياب ڄاڻايو ويو آھي جڏھن ته سجاول سٽي ۽ سجاول تعلقي تي ٻہ پينل بنا مقابلي ڄاڻايا ويا جنھن سبب صرف سجاول تعلقي ۽ سٽي سجاول تي ٻہ پينل مقابلي اچڻ کان پو استادن ۾ عجيب صورتحال پيدا ٿي وئي آھي جنھن تي استاد تنظيمن جا اڳواڻ پڻ تبصرا ڪري رھيا آھن ته صرف تعلقي ۽ سٽي سجاول تي ٻہ پينل ڪئين بنا مقابلي اچي سگھن ٿا جنھن جو اڃان مرڪزي اليڪشن ڪميٽي پاران ڪو به نوٽيس ناھي ورتو ويو جنھن ڏس ۾ استاد تنظيم جي اڳواڻ محمد عمر ميمڻ ٻڌائيندي چيو ته آئيني طور تي ھڪ ئي پينل ڪامياب ٿيو آھي جيڪو استاد دوست پينل آھي باقي ٻيو پينل جيڪو استاد اتحاد پينل آھي جيڪو شڪور سارنگ پاران جوڙي پاڻ کي بنا مقابلي ڄاڻائي ڪامياب ڏنو آھي سو غير آئيني عمل آھي اسان لکت ۾ اھڙي شڪايت مرڪزي اليڪشن ڪميٽي کي پڻ ڏني آھي سجاول ضلعي جي پنجن يونٽن تي ھڪ ئي وقت ھڪ اليڪشن ٿي آھي جئين تہ ٽن يونٽن تي ھڪ ھڪ پينل ڪامياب ٿيا آھن ته پو صرف ٻن يونٽن سجاول سٽي ۽ سجاول تعلقي تي اھڙو غير آئيني عمل ڇو ڪيو ويو آھي جلد ان غير آئيني عمل خلاف مرڪزي اليڪشن ڪميٽي نوٽيس وٺي جئين سجاول جي استادن مان بي چيني ختم ٿي سگھي جئين تہ اھڙي غير جمھوري ۽ غير آئيني عمل کي ختم ڪيو وڃي ۽ تنظيم جو مورال بلند ڪيو وڃي
0 تبصرے