English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين جو شهر جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج
146 views
|
25th May 2023
•
سنڌي خبرون
شيخ زيد ڪالوني سميت سمورو شهر مسئلن جي ور چڙهيل ۽ انتظاميه غائب آهي: ذوالفقار بليدي ۽ ٻيا
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن پاران يوسي ٽي شيخ زيد ڪالوني توڙي شهر جي ٻين علائقن ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. تفصيل موجب: لاڙڪاڻي ۾ شهرين جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ذوالفقار بليدي، سماجي اڳواڻ عبدالنبي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر خاص ڪري يوسي ٽي شيخ زيد ڪالوني ۾ بنيادي مسئلن جو حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي جسم اڳواڻ ذوالفقار بليدي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي غريب عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪي آهي گذريل پنجاهه سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ باوجود سنڌ واسين جا بنيادي مسئلا حل ناهن ٿي سگهيا. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ صفائي سٿرائي سميت ڊرينيج جو ڪو به انتظام نه هئڻ ڪري شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪهر جي گرمي هئڻ باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ مهينن کان بجلي ناهي ته وري ڪيترن ئي علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سماجي اڳواڻ عبدالنبي چانڊيو چيو ته دنيا چنڊ کان به اڳتي نڪري وئي آهي جديديت ۽ هٿرادو ذهانت جي مدد سان دنيا ۾ انسان ذات جي لاءِ روز نيون سهولتون پيدا ڪيون پيون وڃن پر لطيف جي ڌرتي ڪرپٽ حڪمراني سبب ڪربلا وارا منظر پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ پاسي بيروزگاري ۽ مهانگائي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي تعليم ۽ صحت سميت عوام کي ڪي به بنيادي سهولتون ميسر ناهن. عبدالنبي چانڊيو چيو ته پيپلزپارٽي اڳواڻ ورهين کان هڪ ڪرت ڪندا رهن ٿا اليڪشن کان اڳ مٿي تي قرآن کڻي عوام سان ڪوڙا واعدا ۽ ٺلها آسرا ڏئي ووٽ وٺڻ کانپوءِ جڏهن ڪامياب ٿين ٿا وري ڪٿي نظر ئي نٿا اچن. هن چيو ته شيخ زيد ڪالوني ڪيترن ئي مهينن کان مسئلن جي ور چڙهيل آهي، گٽرن جا ڍڪ کليل هجڻ ڪري معصوم ٻارڙن جي حياتين کي خطرا آهن جنهن لاءِ يوسي چيئرمين شفيق چانڊيو سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر ڪجهه به ناهي وريو. هن چيو ته جميل سومري سميت پيپلزپارٽي جا مقامي اڳواڻ عوام جي ٻڌڻ بدران رڳو فوٽو سيشن، شهر ۾ پينافليڪسن تائين محدود آهن عوامي ووٽ سان چونڊيل پيپلزپارٽي جا اڳواڻ عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ ويٺل رهن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته عوام جا مسئلا حل نه ڪندڙ ٻيهر ووٽ وٺڻ لاءِ آيا ته سندن ٽماٽن ۽ انڊن سان استقبال ڪيو ويندو. مظاهرين اختيارين کان گهر ڪئي ته عوام جي پيسي تي اسلام آباد ۾ عياشيون ڪندڙ پيپلزپارٽي اڳواڻن کي علائقي واسي ياد ڏياري عوام جا مسئلا حل ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لاڙڪاڻو
صفائي سٿرائي
0 تبصرے