انجمن تاجران ضلعي سجاول طرفان واپاري نواز ميمڻ تي ٿيل مبينا تشدد جي مذمت

واپاري نواز ميمڻ تي ٿيل تشدد ۽ تذليل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا: رياض احمد ميمڻ

انجمن تاجران ضلعي سجاول طرفان واپاري نواز ميمڻ تي ٿيل مبينا تشدد جي مذمت

سجاول (رپورٽر) انجمن تاجران ضلعي سجاول طرفان واپاري نواز ميمڻ سان ٿيل مبينا تشدد واري واقعي خلاف ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. پريس ڪانفرنس ۾ انجمن تاجران ضلعي سجاول جي صدر حافظ رياض احمد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام رسول زئور، متاثر واپاري نواز ميمڻ سميت ٻين واپارين شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته وڪيل لياقت جماري طرفان واپاري نواز ميمڻ سان ٿيل تشدد ۽ تذليل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته ضلعي جي واپارين جي گڏجاڻي ۾ اڪثريتي راءِ سان اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ۽ سڄي واپاري برادري ۾ سخت غم ۽ غصو موجود آهي. هنن جو چوڻ هو ته اڄ هڪ واپاري سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، سڀاڻي اهڙو سلوڪ ٻين واپارين سان به ٿي سگهي ٿو. واپاري اڳواڻن چيو ته هو قانوني طريقي سان نواز ميمڻ سان ٿيل زيادتي بابت انصاف جو مطالبو ڪن ٿا، جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو ۽ سمورو ضلعو سراپا احتجاج بڻجي ويندو. هنن واضح ڪيو ته انصاف ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.