English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھوڪ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، گھرن ۽ ملڪيت تي مبينا قبضو
148 views
|
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مارئي ماڇي سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد سندس مائٽن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو: سجاد علي سولنگي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي سجاول جي جھوڪ لڳ ڀڏو اسٽاپ واسي پسند جي شادي ڪندڙ پريمي جوڙو سجاد علي ولد عرس سولنگي ۽ ماروئي ڌيءَ محمد عرس ماڇي ٺٽو جي معزز عدالت مان پسند جو نڪاح ڪرڻ بعد عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحفظ جي اپيل ڪئي آھي نوجوان سجاد علي سولنگي چيو ته هن ماروئي ماڇي سان مڪمل رضامندي ۽ شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي ڪو گناھ ناھي ڪيو هن الزام هنيو ته شادي بعد گھرواري ماروئي جي مائٽن ڀڏو اسٽاپ لڳ ڳوٺ عثمان ماڇي ۾ موجود سندس گهر ۽ ملڪيت تي زبردستي قبضو ڪري سندس گهر ڀاتين کي غائب ڪري ڇڏيو آهي جن متعلق ھيل تائين ڪابہ ڄاڻ ناھي ته ھو ڪٿي آھن سجاد علي جو چوڻ هو ته مٿس اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن سبب هو ۽ سندس گهرواري سخت خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن ناري ماروئي ماڇي چيو ته هن سجاد سولنگي سان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو هن واضح ڪيو ته هوءَ عاقل ۽ بالغ آهي ۽ پنهنجي زندگي بابت فيصلا ڪرڻ جو مڪمل حق رکي ٿي هن الزام هنيو ته شادي بعد سندس ماما انور، محمد رحيم، بابو، محبوب ۽ ابراهيم ماڇي سندن جاني دشمن بڻجي ويا آهن ۽ کين قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته مٿن داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن ڄاڻايل بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سندن گهر تان ناجائز قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ کين ڪٽنب سميت مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جھوڪ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ
ضلعي سجاول جي جھوڪ لڳ ڀڏو اسٽاپ واس
0 تبصرے