سياسي سماجي اڳواڻ عبدالواحد آرائين پنهنجي فش فارم تي مچ ڪچهري ۽ موسيقي جو اهتمام ڪيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) آل سنڌ ڪيمپ فائر ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ ڪنري جي اسڪائوٽن جي اعزاز ۾ مچ ڪچهري ۽ موسيقي جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران اسڪائوٽن کي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.تفصيل موجب آل سنڌ ڪيمپ فائر اسڪائوٽ جمبوري ۾ اسڪائوٽ ليڊر محمد وسيم آرائين جي اڳواڻي هيٺ ڪنري اسڪائوٽ اوپن گروپ سان لاڳاپيل 12 اسڪائوٽن ۾ سنڌ سطح تي ٽين شاندار پوزيشن حاصل ڪئي. ان ڪاميابي جي خوشي ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عبدالواحد آرائين طرفان پنهنجي فش فارم تي مچ ڪچهري ۽ موسيقي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو مهمان خاص چيئرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد باجوھ هو. تقريب ۾ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي نديم ڀرٽ، ڪنٽرولر ايگريڪلچر ٽنڊوجام محمد بابر، ڊائريڪٽر مهراڻ يونيورسٽي ڪاشف علي، ڊائريڪٽر پلاننگ مهراڻ يونيورسٽي امداد علي ڀڳيو، ڊائريڪٽر مهراڻ يونيورسٽي عبدالمجيد، اڳوڻو ايڊيشنل ڪنٽرولر ۽ ڊائريڪٽر ڪاليجز غلام نبي ڪاڪا، پير غلام رسول شاهه جيلاني، آرائين اتحاد عمرڪوٽ جي اڳواڻ خالد آرائين، مقامي تعليمي آفيسرن سميت علائقي جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقرير ڪندي مقررن اسڪائوٽ ليڊر محمد وسيم آرائين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته بغير ڪنهن سرڪاري سهائتا ۽ محدود وسيلن هوندي به هن پنهنجي مدد آپ تحت آل سنڌ ڪيمپ فائر ڪراچي ۾ شرڪت ڪري اسڪائوٽن کان شاندار ڪارڪردگي ڪرائي، جنهن سان ڪنري شهر جو نالو روشن ٿيو. مقررن نوجوان اسڪائوٽن جي همٿ افزائي ڪرڻ ۽ سندن اعزاز ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي عبدالواحد آرائين جي به واکاڻ ڪئي، تقريب دوران چيئرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد باجوھ چيو ته آل سنڌ ڪيمپ فائر ۾ سنڌ سطح تي ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ ڪنري لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي. هن اسڪائوٽ ليڊر محمد وسيم آرائين سميت باسڪيٽ بال ۽ ڀالو ريس ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪندڙ نوجوان اسڪائوٽن کي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ پوزيشن هولڊر اسڪائوٽن کي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. جڏهن ته موسيقي جو به خاص بندوبست ڪيو ويو. تقريب جي ميزبان عبدالواحد آرائين سنڌ جي قديم روايتن کي برقرار رکندي آيل سڀني مهمانن کي اجرڪون پارايون ۽ آخر ۾ پُرتڪلف عشائيي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
0 تبصرے