شهيد بشير خان قريشي جي شهادت کان پوءِ جسقم ۾ 7سالن تائين چونڊون نه ٿيون: شوڪت ڪورائي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ شوڪت علي ڪورائي پنهنجي ساٿين سميت جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) شهيد بشير خان قريشي ۾ باضابطه شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس سان خطاب ڪندي شوڪت علي ڪورائي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي شهادت کان پوءِ جسقم ۾ ستن سالن تائين چونڊون نه ٿيڻ ۽ سياسي سرگرميون محدود ھجڻ سبب مايوس ٿي خاموشي اختيار ڪئي هن چيو ته هاڻي پراڻن دوستن جي رابطو ڪرڻ بعد ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي قيادت ۽ پنهنجي ساٿين سرفراز ميمڻ، فقير امداد چاڪر خان شر، اشرف ڪلهوڙو تي ڀرپور اعتماد ڪندي جسقم شهيد بشير خان قريشي ۾ شموليت جو اعلان ڪريان ٿو هن وڌيڪ چيو ته قيادت جيڪا به ذميواري سونپيندي اها قبول ڪندس ۽ تنظيم کي وڌيڪ منظم ۽ سگهارو بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندس ان موقعي تي جسقم شهيد بشير خان قريشي ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر چاڪر خان شر چيو ته اڄ اسان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، ڇوتہ اسان جو سينيئر ۽ پراڻو ساٿي شوڪت ڪورائي ٻيهر تنظيم سان جڙي ويو آهي هن چيو ته سندس ساٿين سميت شموليت سان تنظيم وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ٿيندي ان موقعي تي تنظيم جو مرڪزي خزانچي عزادار چانڊيو، ضلعي ملير جو آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، ڊپٽي آرگنائيزر اڪبر کوکر، جساف ملير جي صدر وهاب گبول سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا
0 تبصرے