عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ٿرڪول ريل ڪنيڪٽيـوِٽي منصوبي بابت پاڪستان ريلوي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ايف ڊبليو او جي نمائندن پاران ايف ڊبليو او جي ڪيمپ آفيس ۾ هڪ اهم پروگرام منعقد ڪيو ويو، جتي هنن منصوبي جي مجموعي اڳڀرائي، سامهون ايندڙ مسئلن، مستقبل جي حدفن ۽ تڪميلي معاملن تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي حڪومت سنڌ شھاب قمر انصاري منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان جي جلد تڪميل، شفافيت ۽ تعميراتي معيار تي خاص زور ڏنو، ان موقعي تي ھن چيو ته ھي منصوبو حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ترقياتي اسڪيم آھي، ھن منصوبي جي عملدرآمد ۽ ھن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ بعد آپريشن به گڏيل طور تي ڪيو ويندو، جڏھن ته حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت گڏيل طور تي برابري جي تناسب سان فنڊز فراهم ڪري رھيا آھن، جڏھن ته سيڪريٽري انرجي پاران پروجيڪٽ جي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي هن هدايتون جاري ڪندي چيو ته تعميراتي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، اسٽرڪچرز ۽ اسٽيشن بلڊنگز کي مقرر تعميراتي معيار موجب مڪمل ڪيو وڃي، سمورا لاڳاپيل کاتا پاڻ ۾ مضبوط رابطو برقرار رکن ته جيئن منصوبو وقت سر مڪمل ٿي سگهي، منصوبي جي هر مرحلي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، ھن چيو ته ٿر ڪول ريل ڪنيڪٽيـوِٽي منصوبو توانائي جي پيداوار، صنعتي ترقي ۽ ڪوئلي جي منتقلي لاءِ انتهائي اهم آهي، هي منصوبو پاڪستان جي مستقبل جي توانائي روڊ ميپ ۾ ريڙھ جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن کي لڳاتار ايندھن جي فراهمي ممڪن بڻجي سگهندي، ان موقعي تي بريفنگ سيشن دوران ايف ڊبليو او جي نمائندن ٻڌايو ته هي منصوبو ٿر جي وسيع ڪوئلي جي ذخيرن کي قومي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ذريعي نه رڳو ڪوئلي جي ترسيل آسان ٿيندي، پر سنڌ صوبي ۽ سڄي پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ ترقي کي پڻ نئون رخ ۽ تيزي ملندي، بريفنگ دوران منصوبي جي لي آئوٽ، ارتھ ورڪ، ڪلوَرٽس، انڊر پاسز، ريلوي اسٽرڪچرز، اسٽيشن بلڊنگز، درآمدي ۽ مقامي آلات، انجنيئرنگ ڊزائين ۽ تعميراتي مدتن سميت ٻين اهم رخن تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته هي منصوبو پاڪستان ريلوي ۽ ايف ڊبليو او جي گڏيل خدمتن سان تڪميل طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، جڏهن ته نيسپاڪ (NESPAK) ان ۾ مشاورتي ۽ ڊزائين جون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، جڏھن ته ھن منصوبي جو زميني ڪم جو 75 سيڪڙو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي، مختلف هنڌن تي ڪلوَرٽس، انڊر پاسز ۽ ريلوي اسٽرڪچرز جي تعمير تيزي سان جاري آهي، اسٽيشن بلڊنگز ۽ پليٽ فارمز جي تعميراتي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي، منصوبي جي تڪميلي مدت جولاءِ 2026ع تائين مقرر ٿيل آهي، ان موقعي تي پروگرام ۾ اعليٰ عملدار ۽ آفيسر موجود هئا جنھن ۾ سيڪريٽري توانائي حڪومت سنڌ شاھاب قمر انصاري، ايڊيشـنل سيڪريٽري توانائي ڊاڪٽر وقاص، ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن فيصل احمد عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، فوڪل پرسن توانائي شارق رضا، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر قمر الزمان، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ايف ڊبليو او جا نمائندا، پاڪستان ريلوي انجنيئرنگ ٽيم جا نمائندا، ضلعي انتظاميه جا لاڳاپيل آفيسر،ان کان علاوه ٻيا معزز عملدار ۽ شخصيتون پڻ موجود هيون.
0 تبصرے