ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قديم سنڌي وسندي هاشم خاصخيلي ڳوٺ لڳ مهاڳي جو ڏيڍ ايڪڙ خالي ڪرائي بااثر حوالي ڪرڻ خلاف علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ان سلسلي ۾ سوين ڳوٺاڻا سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي، پير حفيظ اللہ، علي مستوئي، ايوب خاصخيلي يعقوب خاصخيلي۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا جن ڌرڻو هڻي عملي خلاف ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪندي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته هاشم خاصخيلي ڳوٺ 1914ع کان آباد قديم ڳوٺ آهي پر روينيو کاتي جي مبينا ملي ڀڳت سان ڳوٺ جي آسآس لاءِ ڇڏيل ڏيڍ ايڪڙ ناڪلاس زمين سرمد شيخ نالي بلڊر جا ڪوڙا ڪاغذ تيار ڪري قديم آبادي کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھنن چيو ته سرڪاري اختيارين طرفان ڳوٺاڻن کي موڪليل نوٽس غيرقانوني، غيرآئيني ۽ تاريخي حقيقتن جي ابتڙ آهن هنن چيو ته قديم ڳوٺ تي چڙهائي ڪرڻ ۽ غريب ڳوٺاڻن کي بي گهر ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي اڳواڻن واضع موقف اختيار ڪندي چيو ته هو ڪنهن به قيمت تي پنهنجا اباڻا اجها نه ڇڏيندا ۽ جيڪڏهن زبردستي ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪوڙن ڪاغذن جي بنياد تي ڪارروائي بند نه ڪئي وئي ته ڳوٺاڻا قانوني رستو اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارين تي هوندي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽس واپس ورتا وڃن، ڪوڙن ڪاغذن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ روينيو کاتي ۾ موجود ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو
0 تبصرے