ملير ۾ پٽ جو ملڪيت تان ماءُ تي مبينا تشدد، بيوه روئيندي پريس ڪلب پهچي وئي

پُٽ عابد علي پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ ئي نافرمان هو، جنهن کي کيس اڳ ئي حصو ڏئي ڇڏيو هو: سلمه ياسين

ملير ۾ پٽ جو ملڪيت تان ماءُ تي مبينا تشدد، بيوه روئيندي پريس ڪلب پهچي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٽائون جي رهواسي بيوه عورت سلمہ ياسين پنهنجي نافرمان پُٽ جي ظلمن جو داستان کڻي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پُرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس پُٽ عابد علي پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ ئي نافرمان هو جنهن تي منهنجي گهرواري کيس ملڪيت جو حصو ڏيئي ڌار ڪري ڇڏيو هو پر پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ هو زبردستي منهنجي ذاتي ملڪيت تي قابض ٿي ويو آهي ڏاڍ ۽ ڌمڪين ذريعي اِها ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائڻ ٿو چاهي هن چيو ته انڪار ڪرڻ تي مونکي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پاڙي وارن مداخلت ڪري منهنجي حياتي بچائي هن چيو ته عابد علي سندس حصي جي ملڪيت ملڻ باوجود مسلسل مون سميت گهر ڀاتين تي حملا ڪري رهيو آهي ڇو ته کيس پوليس ۽ بااثرن جي پُٺ ڀرائي حاصل آھي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته پُٽ جي مبينا ظلمن خلاف ڪيترائي ڀيرا شاھ لطيف ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيا پر ڪنهن به سندس دانهن نه ٻڌي آخرڪار عدالت مان آرڊر وٺي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر پوليس سندس مدد ڪرڻ بدران نافرمان پٽ سان گڏجي وئي هن الزام هنيو ته پوليس 2023ع جي هڪ پراڻي ايف آءِ آر ۾ عابد جي چُرچ تي منهنجي ٻن پُٽن محمد علي ۽ حيدر علي کي گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏيو آهي هن ٻڌايو ته عابد علي زبردستي شاھ لطيف ٽائون سيڪٽر 16-اي ڊبل روڊ تي موجود سندس هوٽل “وائي ايس رائل پيزا هائوس ۽ مٿئين حصي ۾ واقع وڏي پٽ محمد علي جي گهر تي به قبضو ڪري ھٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن جنهن سبب سڄو ڪٽنب خوف ۽ بيچني ۾ مبتلا آهي هن ٻڌايو ته پُٽ عابد علي کليل ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ملڪيت جا ڪاغذ سندس نالي نه ڪيا ويا ته پوليس ذريعي کيس ۽ سندس ڪٽنب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جاني ۽ مالي نقصان پهچائيندو هن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير، انساني حقن جي تنظيم جي عملدارن ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته عابد علي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري سندس ملڪيت تان قبضو ختم ڪرايو وڃي جڏهن ته ملوث پوليس اهلڪارن ۽ بااثر ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪري کيس ۽ سندس ڪٽنب کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي