English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: پوليو جي ڊسمبر رائونڊ جي پوسٽ ڪيمپين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس
62 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نويد الرحمان اجلاس دوران بهترين ڪارڪردگي تي فيلڊ اسٽاف ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو جي ڊسمبر رائونڊ جي پوسٽ ڪيمپين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمرڪوٽ عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام طارق، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، فوڪل پرسن پوليو ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر درگاشنڪر، ڊسٽرڪٽ مانيٽر ڊاڪٽر انوڌر مهيشوري، صحت کاتي جا آفيسر، پوليو پروگرام جا ڪوآرڊينيٽر، ليڊي هيلٿ سپروائزرز ۽ فيلڊ عملي شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر کي ڊسمبر ۾ هلندڙ پوليو مهم جي ڪارڪردگي، ڪاميابين ۽ درپيش مسئلن بابت بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو تہ ضلعي عمرڪوٽ ۾ مقرر ڪيل هدف موجب پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو ويڪسين پياري وئي ۽ ٽيمون گهر گهر وڃي ٻارن جي آڱرين تي نشان لڳايا، ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ پوليو ٽيمٽ جي محنت کي ساراهيندي چيو تہ پوليو جو مڪمل خاتمو قومي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو تہ فيلڊ ورڪر فرنٽ لائين هيروز آهن، جيڪي مشڪل حالتن جي باوجود ٻارن جي محفوظ نسل لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيا آهن. ھن زور ڏنو تہ ايندڙ مهمن ۾ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ والدين جي خدشن کي خوش اسلوبي سان ختم ڪندي هر ٻار تائين ويڪسين جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فيلڊ ورڪرن ۽ سپروائزرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. ڊپٽي ڪمشنر ٽيمن جو حوصلو وڌائيندي چيو تہ انهن جي خدمتون ايندڙ نسلن کي معذوري جي خطري کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اجلاس جي آخر ۾ پوليو پروگرام جي ايندڙ حڪمت عملي تي پڻ صلاح مشورا ڪيا ويا. هن چيو تہ سڀني ايريا انچارجن کي پابند ڪيو وڃي تہ هو مائڪرو پلان وڌيڪ بهتر بڻائين ۽ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وڌيڪ موثر رابطي تي زور ڏنو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: پوليو جي ڊسمبر رائونڊ
ڊي سي نويد الرحمان اجلاس
0 تبصرے