ملير: فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو” جي سالگرهه تقريب منعقد

چيئرپرسن فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو

ملير: فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو” جي سالگرهه تقريب منعقد

ملير(رپورٽ :عبدالرشيد مورجھريو)چيئرپرسن فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد پاران قائدِ عوام “شهيد ذوالفقار علي ڀٽو” جي 98هين سالگرھ جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو.ان موقعي تي چيئرپرسن فاطمه مجيد چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عوام جو حقيقي اڳواڻ هو، جنهن ملڪ کي متفقه آئين ڏنو ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ڀٽو شهيد جون خدمتون ۽ قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي سندن جدوجهد ۽ قربانين کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا.چيئرپرسن فاطمه مجيد وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ بهادر انسان ۽ تاريخ ساز شخصيت هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عوام کي ووٽ جو بنيادي حق ڏنو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف پاڪستان پر سڄي عالمِ اسلام جو وڏو اڳواڻ هو. قائدِ عوام هارين، مزدورن ۽ غريب طبقي جي حقن لاءِ “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان” جي نعري کي عملي جامو پارايو. ڀٽو ازم جي عظيم فلسفي تي عمل ڪندي پاڪستان کي درپيش مسئلن مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.ان موقعي تي مينيجر ايف سي ايس اياز علي سومرو، ڊائريڪٽرز محمد شڪيل، حاجي احمد، حاجي خان مير خان، عبدالرشيد ماڙي والا، فيصل خالد، رحيم بخش ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔