محفلِ ميلاد ۾ درگاھ ويھڙ شريف جي گادي نشين مفتي خليل احمد جان اشرفي جي به شرڪت
ٺٽو(ڊ ر)مخدوم آدم المعروف آدو نقشبندي جو ساليانو عرس مبارڪ هر سال جيان هن سال به اسلامي مهيني رجب جي 15 تاريخ جي رات وڏي عقيدت، احترام ۽ مذهبي جذبي سان ملهايو ويو. عرس جي موقعي تي شاندار محفلِ ميلاد منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علمنِ دين، مشائخ، نعت خواڻن ۽ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. محفلِ ميلاد ۾ درگاھ ويھڙ شريف جي گادي نشين مفتي خليل احمد جان اشرفي جن خصوصي شرڪت ڪئي، جڏهنته سائين حافظ ابراهيم ڀنڊ، خليفا درگاھ جنگشاھي بابا جن پڻ خاص مهمان طور شريڪ ٿيا. ان موقعي تي درگاھ جا خليفا جن محمد عارب ڪنڀار، الله بچايو سائين، ڏنو ڪنڀار، غلام محمد ڪنڀار سان گڏ احتمام ڪندڙ صاحبزادا عبدالاحد ڪنڀار خادم درگاھ مخدم آدم پڻ موجود هئا ۽ عرس جي روحاني محفلن ۾ پروگرام سنڀاليو ويو ان موقعي تي مخدوم هاشم ٺٽويؒ جي پيش امام مولوي ايوب جوکيو ۽ نامور عالم دين مولوي يامين رحماني جمالي ٺٽو مولوي سيد بشير شاھ جن خطاب ڪيا، جن پنهنجي بيانن ۾ اولياءَ الله جي تعليمات، عشقِ رسول ﷺ ۽ صوفياءِ ڪرام جي فڪري ورثي تي تفصيلي روشني وڌي. محفل دوران رسولِ پاڪ ﷺ جي شان ۾ نعتون پيش ڪيون ويون، جنهن سان سڄو ماحول روحانيت سان ڀرجي ويو. آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، امن امان، خوشحالي ۽ امتِ مسلمه جي اتحاد لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، جڏهنته عرس جي موقعي تي لنگر جو به اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين عقيدتمندن شرڪت ڪئي. جڏهن ته سيڪورٽي جا نتظام به سخت ھئا
0 تبصرے