English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دنيا ۾ پکڙيل سنڌي سنڌ جا سفير آھن، وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بڻائي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي: اياز لطيف پليجو
131 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو سان آمريڪا، برطانيه، جاپان، فلپائن ۽ ڪينيڊا کان آيل سنڌين جي وفد ملاقات
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائش گاھ تي آمريڪا، برطانيہ، جاپان، فلپائن ۽ ڪينيڊا کان آيل سنڌين جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، سنڌي ايسوسئيشن آف جاپان جو صدر ايوب مھر، لنڊن کان پروفيسر لال چند لوھاڻو، اوساڪا جاپان کان نثار مھر، ڪيناڊا کان ڊاڪٽر رئوف شيخ، منيلا فلپائين کان خادم حسين، ڪيناڊا کان ناصر جمال پٺاڻ, برطانيہ کان شاد غلام علي، ڪيناڊا کان زاھد علي شاھ، فلپائين کان رباب مھر، جاپان کان محسن ايوب، اوساڪا کان ذوالفقار مھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي اياز لطيف پليجو آيل مهمانن کي سنڌي ثقافت لنگھين جو تعفو پيش ڪري سندن شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ دنيا ۾ پکڙيل سنڌي سنڌ جا سفير آھن. پنھنجي محنت ۽ ذھانت سان پاڻ مڃائي رھيا آھن. انھن ملڪن جي ترقي ۾ پنھنجو حصو شامل ڪري رھيا آھن. لطيف امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي. دنيا کي جنگين نہ امن جي ضرورت آھي. جيڪڏھن پيپلز پارٽي حڪومت چاھي تہ سنڌ دنيا جي ترقي سان گڏ بيٺل ھجي ھا. وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي. وسيلا، زمينون، درياھ وڪرو ڪيا ويا آھن. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. عورتون، ٻار ۽ اقليتون محفوظ ناھن. نياڻيون اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪيون وڃن ٿيون. حڪمرانن سنڌ کي انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين جو مثال بنائي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻاھر رھندڙ سنڌي سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي بھتري لاءِ ڪردار ادا ڪن. ٻاھرين ملڪن ۾ اسڪالرشپ ۽ نوڪرين جا موقعا حاصل ڪرڻ جا رستا ڏيکارين. سنڌ جا نوجوان محنتي ۽ ذھين آھن. ميرٽ ذريعي اڳتي وڌڻ چاھين ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آهي سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان وٺي حڪومت نہ بادشاھت قائم آهي پيپلزپارٽي سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي ٿي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري کي مڳي آهي اھي سمجھن ٿا تہ ست ڪڙور سنڌي سندن کيسي ۾ پيل آهن وڏيرا، سردار، جاگيردار، ڪرپٽ ڪامورا توهان جا غلام ٿي سگھن ٿا پيپلزپارٽي جو دماغ خراب آهي ست ڪڙور سنڌي غلام نہ آهن. ھن وقت سنڌ بک، ڪرپشن، بدامني لاقانونيت، منشيات، قبلائيت دھشتگردي ۾ گھيريل آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڏوھ، ڌاڙيل ڪلچر، منشيات، غربت، صحت، تعليم ۽ ڪرپشن وڏا چئلينج آھن. سنڌ جا ماڻهو معاشي استحصال، بيڊ گورننس جو شڪار آھن. سنڌ کي تعليم ، سائنس، سياسي، سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ ترقي گھرجي. غربت جو خاتمو ۽ برابري گھرجي.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، نذير ٿھيم، ايڊووڪيٽ ساحر پليجو، زينت سمون، شھربانو راھوجو، نصرت خاصخيلي، صبا سمون، جوش اياز ۽ ٻيا موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
اياز لطيف پليجو سان آ
فلپائن ۽ ڪينيڊا کان آيل سنڌين جي وفد ملاقات
0 تبصرے