مڪلي جي رھواسين جو پاڻي جي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف ريلي

مڪلي ۽ ٺٽو ۾ ڪافي وقت کان پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ ڪري عوام پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء سخت پريشان آھي: اڳواڻ

مڪلي جي رھواسين جو پاڻي جي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف ريلي

ٺٽو (ڊ ر) مڪلي جي رھواسين پاران پاڻي جي کوٽ توڙي بجلي ۽ سوئي گئس جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو پبلڪ پارڪ مڪلي کان ڊي سي آفيس تائين واصف قريشي، ياسر جاکرو، شھروز چانگ، دانش خاصخيلي، محمد علي شر، سلمان جاکرو جي اڳواڻي ۾ ڪري ڊي سي افيس اڳيان ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ مڪلي ۽ ٺٽو ۾ ڪافي وقت کان پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ ڪري عوام پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء سخت پريشان اھي، ان کانسواء بجلي جي 14 کان 16 ۽ سوئي گئس جي 7 کان 8 ڪلاڪ اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ عوام جو ويتر سڪون برباد ڪري ڇڏيو اھي، پر ضلعي انتظاميہ ٺٽو توڙي چونڊيل نمائندہ بہ ڪو ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھن، صفائي نہ ٿيڻ ڪري گندگي ۾ بہ اضافو ٿي رھيو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن پاڻي جو بحران ختم ڪري بجلي ۽ سوئي گئس جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ٺٽو ۽ مڪلي واسين کي ڪينجھر ڍنڍ مان پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري صفائي، سٿرائي جا بھتر انتظام ڪري شھري کي پريشاني کان بچايو وڃي.