English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سپر هاءِ وي تي حادثن ۾ 2ڄڻا فوت، مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
65 views
|
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نشتر آباد ريلوي ٽريڪ ڀرسان مقابلي دوران رضوان پٽ فضل حڪيم مارجي ويو، لاش اسپتال منتقل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سپر هاءِ وي سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن سپر هاءِ وي تي پيش آيل ٻن ٽريفڪ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا۔ پهريون حادثو خان صاحب ريسٽورنٽ ڀرسان پيش آيو، جتي تيز رفتار ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي ويو۔ حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ فوتي جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔ فوتين جي عمر لڳ ڀڳ 45 سال ٻڌائي پئي وڃي۔ٻيو حادثو سپر هاءِ وي بقائي ٽول پلازا ڀرسان پيش آيو، جتي نامعلوم سببن جي ڪري هڪ ڄڻو ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿي فوت ٿي ويو۔ فوتي کي پڻ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ اسپتال ذريعن موجب فوتي جي سڃاڻپ عمر ولد نامعلوم طور ٿي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 60 سال ٻڌائي وئي آهي۔ پوليس ٻنهي حادثن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ٻئي طرف ملير نشتر آباد ريلوي ٽريڪ ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو۔ مارجي ويل ڏوهاري کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ رضوان ولد فضل حڪيم طور ٿي آهي، جنهن جي عمر تقريباً 30 سال ٻڌائي وئي آهي۔ پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري مختلف ڏوهن ۾ ملوث هو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
هڪ ڄڻو مارجي ويو
0 تبصرے