دڪان اندر سلينڊر ۾ گئس ڀرڻ دوران ليڪيج ٿيڻ بعد ڌماڪو ٿيو ۽ باهه ڀڙڪي پئي: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري لڳ ڪوسٽ گارڊ چوڪ وٽ المصطفيٰ اسپتال جي سامهون واقع گئس سلنڊر جي دڪان ۾ زور دار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويو جڏهنتہ ٻيو شخص سخت زخمي ٿي پيو پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن دڪان ۾ گئس سلنڊر ڀريو پيو ويو، اوچتو ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو ۽ باهه ڀڙڪي اٿي۔ اطلاع ملڻ تي فائر بريگيڊ، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ باهه تي ضابطو حاصل ڪيو فوتي شخص جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهنتہ شديد زخمي شخص کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب فوتي شخص جي سڃاڻپ آصف ولد عبدالرزاق عمر 40 سال ۽ زخمي شخص جي سڃاڻپ جميل ولد سليمان عمر 35 سال طور تي ٿي آهي ابتدائي جاچ موجب واقعو ممڪن طور گئس ليڪيج سبب پيش آيو، جڏهنتہ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ ڌماڪي سبب دڪان کي جزوي نقصان به پهتو۔
0 تبصرے