جيستائين 27هين ترميم جو مسودو واضح نه ٿئي، تيسين ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي: بيريسٽر عمر سومرو

ڪجهه ماڻهن ڪينجهر ڍنڍ کي پرائيويٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر مون اهو منصوبو رد ڪرائي ڇڏيو: اڳوڻو نگران صوبائي وزير

جيستائين 27هين ترميم جو مسودو واضح نه ٿئي، تيسين ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي: بيريسٽر عمر سومرو

شڪارپور (احسان ابڙو) اڳوڻو نگران صوبائي وزير بيريسٽر محمد عمر سومرو شڪارپور پريس ڪلب پهتو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو هڪ مقصد تحت هتي آيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ سندس سنڌ ۽ ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت آهي. هن چيو ته ڪن ماڻهن طرفان مذاق اڏايو ويو ته عمر سومرو ڪير آهي؟ مان نٿو سڃاڻان! اهڙن لفظن سان ڳالهائڻ وارن کي يا ته اقتدار جو نشو آهي يا پوءِ انهن کي ٻيو ڪو مسئلو درپيش آهي. بيريسٽر عمر سومرو چيو ته جڏهن هو توانائي وارو وزير هو ته ان وقت ڪن ماڻهن ڪينجهر ڍنڍ کي پرائيويٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون اهو منصوبو رد ڪرائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو پاڻ کي عوامي نمائندو سڏائي ٿو، اهو جڏهن وزير هو تڏهن شهر کي بجلي به نه ڏياري سگهيو، سورهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، اها ئي سندس ڪارڪردگي آهي، جنهن جي نيت ۾ فتور آهي. عمر سومرو چيو ته هو جڏهن نگران وزير هو ته ان وقت ڪجهه سياسي ماڻهن اليڪشن ڪميشن کي خط لکي کيس وزارت تان هٽائڻ جي گهر ڪئي هئي. مون شڪارپور جي تاريخي قبرستان ۾ منشيات جي اڏي تي ڪاروائي ڪرائي هئي، جتي قبرن ۾ منشيات لڪايل هئي، ۽ انهن منشيات هلائيندڙن کي انهن ئي ماڻهن جي سپورٽ حاصل هئي، جيڪي اڄ مون تي طنز ڪن ٿا، هن چيو ته شڪارپور ۾ ادارا صحيح نموني ڪم نٿا ڪن، ايس ايس⁠ پي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار سميت هر اداري تي سياسي اثر آهي. نوجوان بيروزگاريءَ سبب ڊپريشن جو شڪار آهن، 18 سالن کان محرومي ۽ پوئتي رهڻ جو سلسلو جاري آهي. نه صرف شڪارپور پر سڄي سنڌ پوئتي پيل آهي، پاڻي کي به زهر آلود بڻايو ويو آهي، بيريسٽر چيو ته جيڪا بدامني شڪارپور ۾ آهي، اها ڪٿي به ناهي. مان نه سردار آهيان، نه ڀوتار، پر هر ماڻهو تبديلي ٿو گهري. هن چيو ته ڌاڙيلن جي سرينڊر پاليسي عقل کان ٻاهر آهي. جن ماڻهن گهر اجاڙيا، پوليس عملدار قتل ڪيا، ۽ انسانن کي اذيتون ڏنيون، انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سرينڊر پاليسي ۾ سرڪاري ڌر ۽ اپوزيشن جا ڪجهه ڀوتار گڏ هئا. صوبائي وزير ضياءَ لنجار کي چوان ٿو ته جيڪي ڀوتار آڱريون کڻي ويٺا آهن، انهن کي به چئو ته پنهنجا ڏوهاري سرينڊر ڪرايو. 27هين آئيني ترميم بابت سوال تي عمر سومرو چيو ته ”اڃا ترميم جو مسودو سامهون ئي نه آيو آهي، جيستائين مسودو واضح نه ٿئي، تيسين ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي ان موقعي رضوان سومرو شعيب سومرو وقار سومرو بيريسٽر عمر سومرو سان ساڻس گڏ ھئا.