English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ ايف آءِ اي جي ڇاپن بعد بي آءِ ايس پي سينٽر ٻن ڏينهن کان بند پيل
322 views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
وظيفو وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتون ٻن ڏينهن کان سخت پريشاني جو شڪار بڻيل
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري سميت سڄي تعلقي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جا سمورا سينٽر ۽ دڪان ايف آءِ اي جي ڇاپن کانپوءِ بند ٿي ويا، جنهن سبب وظيفو وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتون 2 ٻن ڏينهن کان سخت پريشاني جو شڪار بڻجي ويون آهن.ايف آءِ اي جي ضلعي ۾ ڇاپن دوران ڪيترن ئي غير قانوني ڪٽوتين ڪندڙ فرنچائزز ۽ دڪاندارن خلاف ڪارروائي جي خوف کان ڊڄي ڪيترن ئي مرڪزن پنهنجو ڪم بند ڪري پنهنجا موبائل فون پڻ بند ڪري ڇڏيا آهن.وظيفو وٺڻ لاءِ 2 ڏينهن کان مسلسل صبح سوير آيل سوين عورتون مرڪزن جي ٻاهران انتظار ۾ بيهي رهن ٿيون جتي نه پاڻيءَ جي سهولت آهي، نه ڇانوَ، ۽ نه ئي ڪو انتظام. عورتن شڪايت ڪندي چيو ته هتي اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي، وظيفو ته پري جي ڳالھ پر هاڻ مرڪز ئي بند پيا آهن. ايف آءِ اي پنهنجي ڪاروائي جاري رکي پر حڪومت کي گهرجي ته متبادل ۽ منصفاڻي نظام تحت عورتن کي سندن رقم پهچائي وڃي ته جيئن غريب طبقي جي عورتن کي تڪليف نه ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
BISP
FIA
0 تبصرے