شھرين جا محافظ آھيون جن کي تحفظ ڏيڻ اولين ترجيح آھي: ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر
مورو(جاني جماڻي)ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر مورو شھر م امن امان جي صورتحال کي بھتر بنائڻ لاءِ پوليس نفري سان گڏ گشت شھر جي مين روڊ، شاھي بازار، ريشم بازار، سبزي مارڪيٽ ۽ ٻين ھنڌن تي پيادل گشت ڪيو ۽ مختلف ھوٽلن تي شڪي ماڻهن جي تلاشي ورتي وئي جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ان دوران ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر صحافي جاني جماڻي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شھرين جا محافظ آھيون جن کي تحفظ ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آھي ھن چيو تہ شھرين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون وٺي شھرين کي تحفظ ڏياريندس ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز جي حڪم تي شھر م پوليس جي نوجوانن جو موٽرسائيڪلن تي گشت وڌايو ويو آھي ء رات جو دير تائين مان پاڻ گشت ڪري امن امان کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رھيا آھيون ڪنھن بہ صورت م ڦورن چورن لٽيرن منشيات فروشن کي بخش نہ ڪيو ويندو ايس ايچ او علي اڪبر کوکر شھرين ۽ دوڪاندارن سان به ملاقات ڪئي ء امن امان بابت ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي جنھن تي شھرين پڻ ساٿ ڏيڻ ء اھڙي عمل تي خوشي جو اظھار ڪيو.
0 تبصرے