English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: نجي اسپتال ۾ ڄاول ٻارڙو مبينا وڪرو ڪرڻ واري واقعي بعد اسپتال سيل
104 views
|
03rd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ غربت سبب آپريشن جا پئسا نه ڏيڻ تي ماءُ ماهِين جوکيو جو تازو ڄاول ٻار وڪرو ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي جو نئون رخ سامهون اچي ويو آهي۔ پوليس اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ڊاڪٽراڻِي زهرا ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري اڃا تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي واقعي جي جاچ ڪندڙ پوليس موجب ٻار جي پيءُ سارنگ جوکيو جي فرياد تي ميمن ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ اسپتال جي ڊاڪٽراڻِي، عملي ۽ ٻين ملوث ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي۔ پوليس چوي ٿي ته چار ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مکيه جوابدار ڊاڪٽراڻِي زهرا ميمڻ روپوش آهي ۽ سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پوليس موجب جاچ دوران معلوم ٿيو ته اسپتال انتظاميا آپريشن جا خرچ ادا نه ٿيڻ تي ڄاول ٻار کي غير قانوني طور تي وڪرو ڪيو، جيڪو بعد ۾ لاهور مان بازياب ڪرايو ويو۔ جاچ ڪندڙ ٽيم جو چوڻ آهي ته ٻار جي وڪري جي سموري ڪڙي، ان ۾ شامل ماڻهن ۽ خريد ڪندڙ ڌر جي باري ۾ تفصيل سان تحقيق ڪئي پئي وڃي۔واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته اسپتال کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي ۽ سمورا طبي رڪارڊ به ضبط ڪيا ويا آهن، جيئن جاچ دوران ثبوت محفظ رهن ياد رهي ته 5 آڪٽوبر تي ڄامشورو سان تعلق رکندڙ ماهين جوکيو جو ميمن ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ آپريشن ذريعي ٻار پيدا ٿيو هو، جيڪو مبينا طور اسپتال مان وڪرو ڪيو ويو۔ ڪجهه ڏينهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻار کي لاهور مان بازياب ڪرايو هو علائقي جي سماجي تنظيمن ۽ شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال جي غير قانوني ڪارروائين ۾ ملوث ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو ڳوٺ غلام محمد مڱڻيجو ۾ نوجوان پاران مبينا آپگهات
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾
0 تبصرے